گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جو ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي اهم پيغام، فورسز کي خراجِ تحسين

اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنهن قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ گهرو وزير، قوم جي جانثارن کي سلام پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ …

اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪنهن قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي هڪ بيان ۾ گهرو وزير، قوم جي جانثارن کي سلام پيش ڪندي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته رياست جي رٽ هر صورت برقرار رکي ويندي ۽ عوام جي جان مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي. محسن نقوي چيو ته شرپسند عنصرن کي ملڪ جو امن تباهه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان جو مستقبل صرف ۽ صرف امن ۽ قانون جي بالادستي سان وابسته آهي.