ڪراچي- 13 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هن مسلسل حفاظتي ٽُڪن، عوامي آگاهي ۽ سمورن سطحن تي گڏيل ڪارروائي ذريعي هن معذور ڪندڙ بيماري جي خاتمي لاءِ حڪومت جي اٽل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڊفينس جي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول، خيابانِ شجاعت ۾ مهم جو آغاز ڪندي وڏي وزير …
سنڌ جي وڏي وزير پاران صوبي ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جو باضابطا افتتاح

مزید خبریں
ڪراچي- 13 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هن مسلسل حفاظتي ٽُڪن، عوامي آگاهي ۽ سمورن سطحن تي گڏيل ڪارروائي ذريعي هن معذور ڪندڙ بيماري جي خاتمي لاءِ حڪومت جي اٽل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڊفينس جي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول، خيابانِ شجاعت ۾ مهم جو آغاز ڪندي وڏي وزير پنهنجي هٿن سان ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ۽ بعد ۾ ڪلاسن جو دورو ڪيو، جتي هن پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پڻ پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا. 7 ڏينهن واري هيءَ مهم 19 اپريل تائين جاري رهندي، جنهن جو مقصد سڄي سنڌ ۾ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي 10.6 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين پيارڻ آهي. ان کان علاوه قوت مدافعت وڌائڻ ۽ مجموعي صحت جي نتيجن کي بهتر بنائڻ لاءِ اٽڪل 9.4 ملين ٻارن کي وٽامن اي جا سپليمينٽس پڻ ڏنا ويندا. هن قدم تي روشني وجهندي وڏي وزير چيو ته 83000 کان وڌيڪ تربيت يافته فرنٽ لائن ورڪرز گهر گهر وڃي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته ڪو به ٻار ويڪسين کان محروم نه رهي. ٽيمن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ 24000 کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جن ۾ 2400 کان وڌيڪ عورت پوليس آفيسر شامل آهن جن کي پوليو ورڪرز جي مدد ۽ تحفظ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته اهي جامع اپاءَ اسان جي ٻارن ۽ فرنٽ لائن ورڪ فورس ٻنهي جي حفاظت لاءِ اسان جي مضبوط عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. هن والدين تي زور ڀريو ته هو ويڪسينيشن ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪن ۽ پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تائين پهچ کي يقيني بڻائين. وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان اڃا تائين صرف ٻه ملڪ آهن جتي پوليو وائرس موجود آهي. هن وائرس جي خاتمي لاءِ مسلسل قومي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 2024ع ۾ پوليو جا 74 ڪيس ۽ گذريل سال 31 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا جڏهن ته سنڌ ۾ 2025ع ۾ پوليو جا 9 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن ۾ ماحولياتي نمونن جا لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو ٽيسٽ وائرس لاءِ مثبت آيا. هن وڌيڪ چيو ته حوصلي واري ڳالهه اها آهي ته 2026ع ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، ماحولياتي مثبت شرح گهٽجي 24 سيڪڙو رهجي وئي آهي ۽ هينئر تائين ضلع سجاول مان صرف هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. هن چيو ته اسان متاثر ٻار جي ويجهي کان نگراني ڪري رهيا آهيون ۽ شڪر آهي ته ڪا به معذوري ناهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت مڪمل صحتيابي کي يقيني بڻائڻ ۽ وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي. مراد علي شاهه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻارن ۾ قوت مدافعت پيدا ڪرڻ ۽ وائرس کي مستقل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ بار بار ويڪسينيشن مهم ضروري آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو ويڪسين محفوظ، اثرائتي ۽ صحت جي عالمي اداري کان تصديق ٿيل آهي. معاشري جي مختلف طبقن کي اپيل ڪندي وڏي وزير والدين، اسڪول انتظاميه، ميڊيا، مذهبي عالمن ۽ سول سوسائٽي تي مهم جي حمايت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو زور ڀريو. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته اها آگاهي کي هٿي ڏئي ۽ غلط معلومات جو مقابلو ڪري جڏهن ته مذهبي ۽ ڪميونٽي اڳواڻن کي ويڪسينيشن جي وڪالت ڪرڻ جي ترغيب ڏني. هن پوليو ورڪرز ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي خدمتن جو پڻ اعتراف ڪيو، مشڪل حالتن ۾ ڏورانهن ۽ وڌيڪ خطرناڪ علائقن تائين پهچڻ ۾ سندن جذبي جي تعريف ڪئي. مسلسل قومي ڪوششن جو حوالو ڏيندي، وڏي وزير پوليو جي خاتمي لاءِ خاتونِ اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري جي تعاون کي ساراهيو ۽ ياد ڏياريو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو گذريل مهمن دوران پنهنجي ڌيءَ کي پوليو جا ڦڙا پياري هڪ تاريخي مثال قائم ڪيو هو. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي مراد علي شاهه ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو جو خاتمو ملڪ جي مستقبل لاءِ تمام ضروري آهي ۽ هن ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪارروائي جي اپيل ڪئي ته هر ٻار زندگي بچائيندڙ ويڪسين حاصل ڪري، جنهن سان پوليو کان پاڪ پاڪستان جي راهه هموار ٿئي. افتتاحي تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وسيع قومي ۽ عالمي اڳڀرائي تي روشني وڌي جنهن اثرائتي حڪمراني ۽ سفارتڪاري کي عوامي ڀلائي جي قدمن جهڙوڪ پوليو جي خاتمي واري مهم سان جوڙيو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته صدر آصف علي زرداري ملڪ کي استحڪام ۽ ترقي جي طرف وٺي وڃڻ ۾ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته صدر، وزيراعظم ۽ دفاعي قيادت پاڪستان جي بهتري لاءِ هڪجهڙائي سان ڪم ڪري رهيا آهن. تازن سفارتي رابطن جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته ايران ۽ آمريڪا ٻنهي اسلام آباد سان رابطي ذريعي پاڪستان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اهي قوتون جيڪي ڪڏهن ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هيون هاڻي ڳالهين جي ميز تي اچي ويون آهن. هي پاڪستان جي سفارتڪاري جي ڪاميابي جي عڪاسي ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سفارتڪاري هڪ مسلسل عمل آهي ۽ ان جا مثبت نتيجا وقت سان گڏ وڌيڪ نظر ايندا. بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن جي تعريف ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪو به سرڪاري عهدو نه هجڻ باوجود هو سفارتي ۽ عوامي محاذن تي مڪمل طور تي سرگرم رهيو. هن ڳالهين ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو زرداري کي ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو ترقياتي قدمن خاص طور تي لياري ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس هدايت تي چيف سيڪريٽري کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ته هو نيسپاڪ سان گڏجي علائقي لاءِ هڪ جامع ترقياتي منصوبو تيار ڪري. وڏي وزير سياسي تنقيد جو جواب پڻ ڏنو هن چيو ته مخالف ڌر جو ردعمل اڪثر حڪومت جي ڪم جي اثر کي ظاهر ڪندو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان خراب ڪارڪردگي ڏيکاريون ها ته اسان جا مخالف مطمئن هجن ها. سندن تنقيد ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته بامعنيٰ ڪم ٿي رهيو آهي. مشڪل وقت ۾ قومي اتحاد کي اجاگر ڪندي هن انڪشاف ڪيو ته صدر آصف علي زرداري علائقائي ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ ايوان صدر ۾ هڪ اهم اجلاس طلب ڪيو هو، جنهن ۾ سمورن صوبن جي وڏن وزيرن کي گڏ ڪيو ويو هو جنهن ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پڻ شرڪت ڪئي، جيڪو ان کان اڳ اهڙن اجلاسن ۾ شريڪ نه ٿيو هو. اِن شموليت جو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن کي وڃي ٿو. حڪمراني جي مسئلن تي مراد علي شاهه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به شهري جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جائز ناهي هن ان کي هڪ بنيادي حق قرار ڏنو جنهن جو تحفظ ضروري آهي. پوليو جي خاتمي طرف ڳالهائيندي وڏي وزير پنهنجي ذاتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته هن مسلسل پوليو مهمن جو افتتاح پاڻ ڪيو آهي. هن ياد ڏياريو ته 2017-18ع دوران پاڪستان ۾ پوليو جا ٻڙي ڪيس هئا پر بعد جي سالن ۾ رفتار سست ٿي وئي هئي. هن چيو ته تڏهن به سنڌ حڪومت توجه جي کوٽ بابت وفاقي سطح تي خدشا اٿاريا هئا. هن معاشري جي سمورن طبقن تي زور ڀريو ته هو پوليو جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ جي صحت مند مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن. تقريب ۾ تعليم واري وزير سردار شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان، سيڪريٽري صحت طاهر سانگي، انچارج اي او سي شهريار گل، پوليس جي اعليٰ آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.











