سکر- 13 اپريل (اي پي پي) سکر ضلعي ۾ 13 اپريل کان 19 اپريل تائين پوليو خلاف قومي مهم جاري رهندي. پوليو جي خاتمي واري مهم دوران ضلعي ۾ 3 لک 29 هزار 334 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر نادر شهزاد خان مهم جي پهرين ڏينهن يونين ڪائونسل گهنٽا گهر جو دورو ڪيو ۽ پوليو ٽيمن جي ڪارڪردگي جو …
سکر ضلعي ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم شروع

مزید خبریں
سکر- 13 اپريل (اي پي پي) سکر ضلعي ۾ 13 اپريل کان 19 اپريل تائين پوليو خلاف قومي مهم جاري رهندي. پوليو جي خاتمي واري مهم دوران ضلعي ۾ 3 لک 29 هزار 334 ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر نادر شهزاد خان مهم جي پهرين ڏينهن يونين ڪائونسل گهنٽا گهر جو دورو ڪيو ۽ پوليو ٽيمن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر فڪسڊ ۽ موبائل ٽيمن جي ٽيلي شيٽس، مائڪرو پلان، ٻارن جي مقرر حدف، ويڪسين جي دستيابي ۽ ڪولڊ چين جي نظام جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن ٽيمن جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ بهتري لاءِ هدايتون جاري ڪيون. ڊپٽي ڪمشنر سکر پوليو ورڪرز تي زور ڀريو ته هو پيشيوراڻين ذميوارين سان گڏ ذاتي ڪوششون پڻ ڪن، جيئن ضلعي جي ڪنهن به يونين ڪائونسل يا ٻهراڙي واري علائقي ۾ ڪو به ٻار ويڪسين کان محروم نه رهي. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت، چيف سيڪريٽري ۽ ڪمشنر سکر جي هدايتن موجب پوليو مهم کي هر صورت ۾ ڪامياب بڻايو ويندو ته جئين معصوم ٻارن کي سڄي زندگي جي معذوري کان بچائي سگهجي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.











