ماسڪو- 13 اپريل (اي پي پي) روس ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس توانائي، واپار، بچاءُ ۽ علائقائي سلامتي سميت اهم شعبن ۾ سهڪار کي لڳاتار وڌائي رهيا آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ اسٽريٽجڪ هم آهنگي جي عڪاسي ڪن ٿا. ”اي پي پي“ کي خاص انٽرويو ۾ پاڪستان جي سفير چيو ته پاڪستاني عوام روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن جو خاص احترام …
پاڪستان ۽ روس توانائي، واپار، بچاءُ ۽ علائقائي سلامتي سميت اهم شعبن ۾ سهڪار کي لڳاتار وڌائي رهيا آهن: فيصل نياز ترمذي

مزید خبریں
ماسڪو- 13 اپريل (اي پي پي) روس ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس توانائي، واپار، بچاءُ ۽ علائقائي سلامتي سميت اهم شعبن ۾ سهڪار کي لڳاتار وڌائي رهيا آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ اسٽريٽجڪ هم آهنگي جي عڪاسي ڪن ٿا. ”اي پي پي“ کي خاص انٽرويو ۾ پاڪستان جي سفير چيو ته پاڪستاني عوام روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن جو خاص احترام ڪري ٿو. پاڪستان ۾ سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻئي ملڪ هن وقت توانائيءَ جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي ٻه طرفن ناتن جو هڪ اهم ٿنڀ آهن. سفير چيو ته عالمي پابندين سبب پاڪستان ۽ روس متبادل ڪرنسين خاص ڪري روسي روبل ۽ چيني يوآن ۾ ٻه طرفو واپار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ عالمي مالياتي پابندين کي نظر ۾ رکندي واپار لاءِ ڪرنسي جي متبادل طريقي کي اختيار ڪري رهيا آهن. پاڪستاني سفير برڪس کي عالمي اقتصادي منظرنامي ۾ هڪ اُڀرندڙ پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان برڪس ۾ شموليت جو خواهشمند آهي ۽ اميد آهي ته پاڪستان جي ان خواهش کي وڏي پيماني تي عالمي حمايت حاصل ٿيندي. هن وڌيڪ ته تازن سالن ۾ پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن ۾ نمايان هٿي آئي آهي، جنهن ۾ توانائي، بچاءُ، اقتصادي سهڪار ۽ علائقائي سلامتي شامل آهن. سيڪيورٽي سهڪار تي هن چيو ته ٻئي ملڪ دهشتگرديءَ جي روڪٿام تي گڏجي سرگرم عمل آهي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي علائقائي دهشتگردي روڪٿام ڍانچي جو حصو آهي. هن اهو به اعلان ڪيو ته پاڪستاني ۽ روسي فوجن وچ ۾ گڏيل فوجي مشقون هلندڙ سال پاڪستان ۾ ٿيڻ واريون آهن، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهرن دفاعي ناتن تي زور ڀريو ويندو. سفير پاڪستان جي روس سان گهڻ رُخي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن جو مقصد علائقائي استحڪام ۽ گڏيل اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي.











