بيجنگ- 13 اپريل (اي پي پي) چين چيو آهي ته تڪرار کي ٻيهر ڀڙڪائڻ بدران سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان حل ڪيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين کي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان ”ايڪس“ تي جاري بيان ۾ اميد جو …
تڪرار کي ٻيهر ڀڙڪائڻ بدران سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان حل ڪيو وڃي: چين

مزید خبریں
بيجنگ- 13 اپريل (اي پي پي) چين چيو آهي ته تڪرار کي ٻيهر ڀڙڪائڻ بدران سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان حل ڪيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين کي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان ”ايڪس“ تي جاري بيان ۾ اميد جو اظهار ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي برقرار رکڻ ۽ تڪرار کي ٻيهر ڀڙڪائڻ بدران سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان حل ڪيو وڃي. هن چيو ته چين جي خواهش آهي ته نار خطي ۾ جلد امن جي بحالي لاءِ سازگار حالتون پيدا ٿين.











