اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي وفد سي اي او ڊاڪٽر شهزاد امين جي اڳواڻيءَ ۾ گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي واپار بابت ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ واپار واري وزارت جي سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ڊيري سيڪٽر کي پيش ايندڙ چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، …
واپار واري وفاقي وزير سان پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات
اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي وفد سي اي او ڊاڪٽر شهزاد امين جي اڳواڻيءَ ۾ گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم جي واپار بابت ڪوآرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ واپار واري وزارت جي سينيئر عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ڊيري سيڪٽر کي پيش ايندڙ چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي ٽيرف ۽ ٽيڪس جي مسئلن سان گڏوگڏ پيداواري صلاحيت، جينياتي معيار ۽ ان شعبي کي باقاعده بنائڻ جي حوالي طرف ڌيان ڏنو ويو. ڄام ڪمال خان چيو ته ڊيري نسلن جي جينياتي معيار کي وڌائڻ ۽ آبادگارن کي باقاعده ڪاروباري ماڊل طرف اڳواڻي ڪرڻ ان شعبي جي ترقيءَ لاءِ اهم آهي. هن چيو ته مناسب جينياتي رُخ کان سواءِ آبادگار گهربل کير جي پيداوار حاصل نٿا ڪري سگهن ۽ ان شعبي کي تبديل ڪرڻ لاءِ منظم سهڪار، ضابطن ۽ آبادگارن جي تعليم ضروري آهي. پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن نشاندهي ڪئي ته ڊيري شين تي موجوده جي ايس ٽي 18 سيڪڙو آهي، جڏهن ته عالمي سطح تي اڪثر اهڙين شين تي ٻُڙي يا گهٽ کان گهٽ لاڳو هوندو آهي. ڄام ڪمال خان ايسوسيئيشن کان جي ايس ٽي 18 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪرڻ لاءِ تجويز پيش ڪرڻ جو چيو ۽ رانا احسان افضل کي چيو ته هو هڪ جامع تجويز تيار ڪرڻ لاءِ ايسوسيئيشن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان رهي. ڄام ڪمال صوبن جي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل وزيرن کي خط لکندو ته جيئن انهن تجويزن تي عملدرآمد ۽ سڄي ملڪ ۾ ڊيري سيڪٽر جي باضابطي ڪاري کي بهتر بنائڻ لاءِ هم آهنگي ۽ سهڪار کي يقيني بڻائي سگهجي. ايسوسيئيشن واڌو تجويزون پيش ڪيون جن ۾ آبادگارن لاءِ مالي مدد ۽ بئنڪنگ جي سهولت جي فراهمي، صرف پاسچرائزڊ يا مناسب طريقي سان پيڪ ٿيل کير جي وِڪري کي يقيني بنائڻ لاءِ ريگيوليٽري قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۽ آبادگارن کي رسمي ڪاروباري طريقن ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ وڏن شهري مرڪزن ۾ پائليٽ پروگرامن جي شروعات شامل آهي. هن جينياتي معيار کي وڌائڻ ۽ کير جي مجموعي پيداوار کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪراس بريڊنگ پروگرامن ۽ آبادگارن جي تربيت جي ضرورت تي به روشني وڌي. ڄام ڪمال انهن تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وقت سر عملدرآمد لاءِ هڪ جامع منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي. ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته پاڪستان جو ڊيري سيڪٽر وڌيڪ پيداوار، بهتر ريگيوليٽري تعميل ۽ ملڪي معيشٽ ۾ وڌيڪ اثرائتي طريقي سان پنهنجو حصو وجهن.












