اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1600 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 95 هزار 362 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1600 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 95 هزار 3 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1371 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 26 هزار 064 رپين مان گهٽجي 4 لک 24 هزار 693 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 90 هزار 572 رپين مان گهٽجي 3 لک 89 هزار 316 رپيا ٿي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 1600 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ
اسلام آباد- 13 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 1600 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 95 هزار 362 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 1600 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 95 هزار 3 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 1371 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 26 هزار 064 رپين مان گهٽجي 4 لک 24 هزار 693 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 90 هزار 572 رپين مان گهٽجي 3 لک 89 هزار 316 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 130 رپين جي گهٽتائي سان 7934 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 111 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6802 رپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4746 ڊالرز مان گهٽجي 4730 ڊالرز ٿي وئي آهي.












