حج سيزن 2026ع جي تيارين جي حوالي سان مڪه پرمٽ تي عملدرآمد شروع

رياض- 13 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزارت حج سيزن 2026 ع جي تيارين جي حوالي سان 13 اپريل کان مڪه پرمٽ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج سيزن دوران مڪي شريف ۾ داخلا لاءِ لازمي پرمٽ جي جاري ڪرڻ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي. وزارت انهن ماڻهن کي هدايت ڪئي آهي …

رياض- 13 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزارت حج سيزن 2026 ع جي تيارين جي حوالي سان 13 اپريل کان مڪه پرمٽ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج سيزن دوران مڪي شريف ۾ داخلا لاءِ لازمي پرمٽ جي جاري ڪرڻ جو عمل به شروع ڪيو ويو آهي. وزارت انهن ماڻهن کي هدايت ڪئي آهي جن جو اقامو مڪي شهر کان علاوه آهي ۽ پنهنجي پيشي وراڻي ذميوارين لاءِ مڪي يا مشاعر مقدس ۾ ويندا آهن، کين گهرجي ته هو حج سيزن لاءِ پرمٽ جي جاري ڪرڻ لاءِ ليبيا يا بشريا پليٽ فارم تي درخواستون جمع ڪرائين، جنهن جو جائزو وٺڻ بعد ڊجيٽل پرمٽ جاري ڪيو ويندو. وزارت پرمٽ لاءِ يونيفائيڊ پورٽل منصبه تصريح به لانچ ڪيو آهي. جنهن ذريعي مڪي شريف ۽ مشاعر مقدس پرمٽ جاري ڪيو ويندو. وزارت جو چوڻ آهي ته حج ويزه هولڊر کان علاوه ڪنهن کي به 18 اپريل کان مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ يا اتي قيام ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. حج ويزا هولڊر کان علاوه ٻين وزٽ يا ٻين قسم جي عارضي ويزا رکندڙن جو ان مدي بعد مڪي شريف ۾ قيام غير قانوني تصور ٿيندو. عمره ويزا هولڊرز لاءِ وزارت طرفان ٻي قسم جي عارضي ويزا رکندڙ جو ان مدي بعد مڪي شريف ۾ قيام غير قانوني تصور ٿيندو. عمره ويزا هولڊرز لاءِ وزارت طرفان هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 18 اپريل تائين پنهنجي ملڪن ڏانهن روانا ٿي ويندا.