ڪينبرا- 13 اپريل (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ڳالهين جي بحالي تي زور ڏيندي وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن هڪ انٽرويو دوران چيو ته هو خطي ۾ مستقل امن ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهتتائي ۽ شهرين جي فوتگين جي خاتمي جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته اهم واپاري …
آسٽريليا پاران آمريڪا ايران ڳالهين جي بحالي جو مطالبو
ڪينبرا- 13 اپريل (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ڳالهين جي بحالي تي زور ڏيندي وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن هڪ انٽرويو دوران چيو ته هو خطي ۾ مستقل امن ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهتتائي ۽ شهرين جي فوتگين جي خاتمي جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته اهم واپاري گذرگاهه آبناءِ هرمز ۾ بحري اچ وڃ جي آزادي بحال ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته آسٽريليا کي آمريڪا پاران آبناءِ هرمز جي ناڪا بندي ۾ شامل ٿيڻ جي ڪا به درخواست ناهي ملي ۽ هو ان اهم سامونڊي رستي تي آزاد چر پر جي بحالي کي ترجيح ڏين ٿا. واضح رهي ته آبناءِ هرمز عالمي واپار لاءِ هڪ نهايت اهم گذرگاهه آهي، جتان ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ عالمي معيشت تي گَهِرو اثر وجهي سگهي ٿي.











