رياض- 13 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه اعلان ڪيو آهي ته خانه ڪعبه جو معمول موجب سار سنڀال جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اهو قدم بيت الله جي اڏاوتي عنصرن کي محفوظ رکڻ ۽ ان جي لڳاتار سار سنڀال جي عمل جو حصو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حج ۽ عمره واري وزير آفيشنل ”ايڪس“ اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ چيو …
خانه ڪعبه جي معمول موجب سار سنڀال جو ڪم شروع
رياض- 13 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه اعلان ڪيو آهي ته خانه ڪعبه جو معمول موجب سار سنڀال جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اهو قدم بيت الله جي اڏاوتي عنصرن کي محفوظ رکڻ ۽ ان جي لڳاتار سار سنڀال جي عمل جو حصو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب حج ۽ عمره واري وزير آفيشنل ”ايڪس“ اڪائونٽ تي پوسٽ ۾ چيو ته خانه ڪعبه جي سار سنڀال جي معاملن ۾ خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لڳاتار سرپرستي ۽ ڌيان حاصل آهي، جڏهن ته مسجد الحرام ۽ مسجد النبوي جي معاملن جي جنرل اٿارٽي خانه ڪعبه جي لڳاتار سار سنڀال ان جي تعميراتي عنصرن کي محفوظ رکڻ جو ڪم اعليٰ معيار موجب جديد ٽيڪنالوجي ذريعي انجام ڏئي ٿي. سعودي عرب جي حڪومت جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته خانه ڪعبه ۽ ان بابت سموريون شيون هميشه خوبصورت ۽ شاندار نظر اچن. واضح رهي ته 18 اپريل کان باقاعده حج اڏامن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويندو.











