آئرلينڊ جي ايئرپورٽ تي بيٺل آمريڪي فوجي جهاز تي حملو ڪندڙ گرفتار

ڊبلن- 13 اپريل (اي پي پي) آئرلينڊ جي شينن ايئرپورٽ تي هڪ شخص سيڪورٽي جي خلاف ورزي ڪري آمريڪي فوجي جهاز کي نقصان پهچايو، جنهن کان پوءِ ان کي گرفتار ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڏوهاري ايئرپورٽ ۾ داخل ٿي سي 130 هرڪوليس جهاز تي چڙهي ويو ۽ مبينه طور تي ڪهاڙي يا هٿوڙي جهڙي اوزار سان جهاز کي نشانو بڻايو. آئرش پوليس موجب ڏوهاري جنهن جي عمر 40 سال …

ڊبلن- 13 اپريل (اي پي پي) آئرلينڊ جي شينن ايئرپورٽ تي هڪ شخص سيڪورٽي جي خلاف ورزي ڪري آمريڪي فوجي جهاز کي نقصان پهچايو، جنهن کان پوءِ ان کي گرفتار ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڏوهاري ايئرپورٽ ۾ داخل ٿي سي 130 هرڪوليس جهاز تي چڙهي ويو ۽ مبينه طور تي ڪهاڙي يا هٿوڙي جهڙي اوزار سان جهاز کي نشانو بڻايو. آئرش پوليس موجب ڏوهاري جنهن جي عمر 40 سال ٻڌائي پئي وڃي ان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سندس خلاف فوجي جهاز کي نقصان پهچائڻ جي ڏوهه ۾ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. واقعي کانپوءِ ايئرپورٽ پوليس فائر اينڊ ريسڪيو سروس ۽ آئرش دفاعي فوج گڏجي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو، جڏهن ته واقعي سبب ايئرپورٽ تي سرگرميون عارضي طور تي ملتوي ڪيون ويون.