ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ آفيسرز ڪلب جي صدر طارق منظور چانڊيو جو آفيسرز ڪلب لاڙڪاڻو جو دورو، سهولتن ۽ ڪلب جي ترقيءَ لاءِ تجويز ڪيل منصوبن جو جائزو ورتو

لاڙڪاڻو-13 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ آفيسرز ڪلب جي صدر طارق منظور چانڊيو آفيسرز ڪلب لاڙڪاڻو جو دورو ڪري ڪلب ۾ موجود سهولتن ۽ ڪلب جي ترقيءَ لاءِ تجويز ڪيل منصوبن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي انتظاميا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ انتظاميا ڪميٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالفتاح ٻگھيو، خزانچي غلام شبير شيخ، ميمبرن  نثار الله شيخ، ڊاڪٽر مختيار احمد ابڙو، ڊاڪٽر ارباب سيال، …

لاڙڪاڻو-13 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ آفيسرز ڪلب جي صدر طارق منظور چانڊيو آفيسرز ڪلب لاڙڪاڻو جو دورو ڪري ڪلب ۾ موجود سهولتن ۽ ڪلب جي ترقيءَ لاءِ تجويز ڪيل منصوبن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي انتظاميا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ انتظاميا ڪميٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالفتاح ٻگھيو، خزانچي غلام شبير شيخ، ميمبرن  نثار الله شيخ، ڊاڪٽر مختيار احمد ابڙو، ڊاڪٽر ارباب سيال، ڊاڪٽر قربان علي شيخ ۽ ٺيڪيدار فضل محمد منگريو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر کي ڪلب ۾ تازو ڪيل تبديلين ۽ مستقبل جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪلب جو سوئمنگ پول ايندڙ مهيني کان ميمبرن ۽ انهن جي گهرڀاتين لاءِ کوليو ويندو. انتظاميا ڪميٽي پنهنجي وسيلن سان ڪلب ۾ هڪ نئون پيڊل ڪورٽ تعمير ڪندي ته جيئن راندين جون سهولتون وڌايون وڃن. ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو ڪلب جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو، جن ۾ راندين جا ميدان، ٽينس لان، جمنازيم، ڪينٽين، لاؤنج روم، سنوڪر روم، ٽيبل ٽينس روم ۽ سوئمنگ پول شامل آهن. هن انتظاميا ڪميٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ڪميٽي ڪلب جي سهولتن کي برقرار رکڻ لاءِ قابل تعريف ڪم ڪري رهي آهي. ان موقعي تي انتظامي ڪميٽي جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالفتاح ٻگھيو چيو ته، آفيسرز ڪلب ڪميونٽي رابطي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم ۽ پنهنجي ميمبرن کي معياري راندين ۽ جسماني سهولتون مهيا ڪري ٿو. اسان انهن سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ڪلب کي سماجي ۽ تفريحي سرگرمين جو مرڪز بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. واضح رهي ته آفيسرز ڪلب لاڙڪاڻو هڪ اعليٰ سماجي ۽ تفريحي ادارو آهي جيڪو ميمبرن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي مختلف سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. انتظامي ڪميٽي ڪلب کي سماجي ۽ تفريحي سرگرمين لاءِ هڪ مثالي ڪلب بڻائڻ لاءِ سرگرم آهي.