نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي  پرڏيهي وزارت جي آفيسرن جو اجلاس

اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير “اسلام آباد ڳالهيُون” دوران انهن جي محنت، لڳاءُ ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. هن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري …

اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير “اسلام آباد ڳالهيُون” دوران انهن جي محنت، لڳاءُ ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. هن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ سهولتڪاري فراهم ڪرڻ تي انهن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ ان کي تعميري رابطن، امن جي فروغ ۽ استحڪام طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو.