اسلام آباد - 13 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هنگري جي پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي تي پيٽر ماجار کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پيٽر ماجار جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته سندس قيادت ۾ هنگري وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ پاڪستان ۽ هنگري جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر چيو ته اسان جي …
صدر آصف علي زرداري پاران هنگري جي پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي تي پيٽر ماجار کي مبارڪباد
اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري هنگري جي پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي تي پيٽر ماجار کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پيٽر ماجار جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته سندس قيادت ۾ هنگري وڌيڪ ترقي ڪندو ۽ پاڪستان ۽ هنگري جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. صدر چيو ته اسان جي لاءِ اها ڳالهه خاص طور تي اهميت رکندڙ آهي ته هنگري جي چونڊن ۾ نوجوانن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته پاڪستان جتي آباديءَ جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، نوجوان انهي جذبي سان ملڪ جي مستقبل جون واڳون سنڀاليندا. صدر آصف علي زرداري چيو ته اميد آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ هنگري جا لاڳاپا گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وڌيڪ وڌندا.












