صدر آصف علي زرداري پاران نزار آميدي کي عراق جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد

اسلام آباد- 12 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نزار آميدي کي عراق جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي سندس نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران آچر ڏينهن جاري ڪيل پيغام ۾ صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته صدر نزار آميدي جي قيادت ۾ عراق استحڪام، ترقي ۽ قومي هم آهنگي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. …

اسلام آباد- 12 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نزار آميدي کي عراق جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي سندس نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران آچر ڏينهن جاري ڪيل پيغام ۾ صدر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته صدر نزار آميدي جي قيادت ۾ عراق استحڪام، ترقي ۽ قومي هم آهنگي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. صدر آصف علي زرداري عراق سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. صدر عراق جي عوام جي مسلسل خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ به پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.