اسلام آباد- 12 اپريل (اي پي پي) آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس، ڳالهين جي بهتر ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيندي ۽ ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچڻ کي آمريڪا ۽ ايران ٻنهي لاءِ خراب خبر قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي ايران کي بهترين آڇ ڏيئي واپس وڃي رهيا آهيون، ڏسون ته ايران ڪهڙو جواب ڏئي ٿو، 21 ڪلاڪن تائين ايراني وفد سان ڪيترن ئي اهم …
ايران کي بهترين آڇ ڏيئي واپس وڃي رهيا آهيون، ڏسون ته ايران ڪهڙو جواب ڏئي ٿو، 21 ڪلاڪن تائين ايراني وفد سان ڪيترن ئي اهم معاملن تي تفصيل خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، پنهنجي ريڊ لائين واضح ڪري ڇڏي آهي: آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس
اسلام آباد- 12 اپريل (اي پي پي) آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس، ڳالهين جي بهتر ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيندي ۽ ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچڻ کي آمريڪا ۽ ايران ٻنهي لاءِ خراب خبر قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي ايران کي بهترين آڇ ڏيئي واپس وڃي رهيا آهيون، ڏسون ته ايران ڪهڙو جواب ڏئي ٿو، 21 ڪلاڪن تائين ايراني وفد سان ڪيترن ئي اهم معاملن تي تفصيل خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، اسان پنهنجي ريڊ لائين واضح ڪري ڇڏي آهي، اسان جو مکيه مقصد اهو آهي ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري، شاندار ميزباني تي اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا ٿورائتا آهيون، انهن ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فاصلو گهٽائڻ لاءِ لاڀائتيُون ڪوششون ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هُن هتي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. جي ڊي وينس چيو ته 21 ڪلاڪن دوران، ايراني وفد سان ڪيترن ئي اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، اها سٺي خبر آهي جڏهن ته خراب خبر اها آهي ته اسان ڪنهن معاهدي تي نه پهتاسين ۽ منهنجي خيال ۾ ته اها آمريڪا کان وڌيڪ ايران لاءِ بُري خبر آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن معاهدي کانسواءِ آمريڪا واپس وينداسين. اسان پنهنجا شرط واضح طور تي پيش ڪيا آهن. اسان نيڪ نيتي سان ڳالهين ۾ حصو ورتو. اسان پنهنجي ريڊ لائن واضح ڪري ڇڏي آهي ته اسان ڪهڙين شين تي گنجائش ڏيئي سگهوون ٿا ۽ ڪهڙين شين تي نٿا ڏيئي سگهُون، پر ايران اسان جا شرط نه قبولڻ جي چونڊ ڪئي. اسان ايراني اختيارين کي چيو آهي ته اُهي اسان جون تجويزون قبول ڪن. هن چيو ته واضح خاطري ڏيارڻ جي ضرورت آهي ته ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو. اسان جو بنيادي مقصد اهو آهي ته ايران مستقبل ۾ ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري. اسان ايران کي بهترين آڇ ڏيئي وڃي رهيا آهيون. اها اسان جي آخري ۽ بهترين آڇ آهي. هاڻي ڏسون ته ايران اسان جي آڇ جو ڪهڙو جواب ڏئي ٿو. هن چيو ته اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا شاندار ميزباني تي ٿورائتا آهيُون. انهن ڳالهين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڏيُون ڪوششون ڪيون. ڳالهين دوران ميزبان پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فاصلو گهٽائڻ لاءِ ڀرپُور ڪوششون ڪيون.












