اسلام آباد ۾ آمريڪا ايران ڳالهيون، ڪانگريس ڀارتي حڪومت جي سفارتڪاري تي سوال اٿاري ڇڏيو

نئين دهلي – 12 اپريل (اي پي پي) ڀارت ۾ مخالف ڌر جي پارٽي ڪانگريس اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين تي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي تي سنگين سوال اٿاريا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري جي رام رميش هڪ بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون هڪ پائيدار امن عمل جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن وزيراعظم نريندر …

نئين دهلي – 12 اپريل (اي پي پي) ڀارت ۾ مخالف ڌر جي پارٽي ڪانگريس اسلام آباد ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين تي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي تي سنگين سوال اٿاريا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري جي رام رميش هڪ بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون هڪ پائيدار امن عمل جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت هيٺ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي ان جي سفارتي رويي تي سوال اٿاريو. ڪانگريس جي اڳواڻ چيو ته نئين دهلي واشنگٽن سان پنهنجن لاڳاپن جو اثرائتي طريقي سان فائدو کڻڻ ۾ ناڪام رهي. هن آمريڪا سان هڪ طرفه ڳالهين تي تنقيد ڪئي. هن چيو ته ڀارت برڪس جو حصو هجڻ باوجود امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪو اڳواٽ قدم نه کنيو ۽ سفارتي موقعو ضايع ڪري ڇڏيو. اولهه ايشيا ۾ استحڪام جي ضرورت تي زور ڏيندي جي رام رميش چيو ته خطي ۾ امن ضروري آهي ۽ ڇڪتاڻ کي فوري طور گهٽائڻ جي ضرورت آهي.