ويٽنام ۾ هاءِ اسپيڊ ريلوي لائن جي تعمير شروع

هنوئي – 12 اپريل (اي پي پي) ويٽنام پنهنجي پهرين هاءِ اسپيڊ ريلوي لائن جي باقاعده تعمير شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪا اٽڪل 120 ڪلوميٽر ڊگهي هوندي ۽ گادي واري شهر هنوئي کي باڪ ننه صوبي، هاءِ فونگ شهر ۽ ڪوانگ ننه صوبي سان ڳنڍيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ريلوي لائن ڊبل ٽريڪ، معياري گيج ۽ برقي نظام تي ٻڌل هوندي  جن جي وڌ کان وڌ رفتار 350 ڪلوميٽر في …

هنوئي – 12 اپريل (اي پي پي) ويٽنام پنهنجي پهرين هاءِ اسپيڊ ريلوي لائن جي باقاعده تعمير شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪا اٽڪل 120 ڪلوميٽر ڊگهي هوندي ۽ گادي واري شهر هنوئي کي باڪ ننه صوبي، هاءِ فونگ شهر ۽ ڪوانگ ننه صوبي سان ڳنڍيندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ريلوي لائن ڊبل ٽريڪ، معياري گيج ۽ برقي نظام تي ٻڌل هوندي  جن جي وڌ کان وڌ رفتار 350 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رکي وئي آهي. صوبي جي مجموعي خرچ 1473 کرب ويٽنامي ڊونگ (اٽڪل 5.87 ارب آمريڪي ڊالر) ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته اهو منصوبو 2028ع تائين مڪمل ٿيڻ متوقع آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان منصوبي سان هنوئي ۽ ڪوانگ ننه وچ سفر جو وقت موجوده 2 کان اڍائي ڪلاڪن کان گهٽجي رڳو 25 کان 30 منٽ رهجي ويندو جنهن سان علائقائي رابطن ۾ بهتري ۽ معاشي ترقي کي هٿي ملندي.