اسلام آباد- 12 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ڳاٽ فخر سبب اوچو ٿيو آهي، پاڪستان جي قيادت عالمي سطح تي ملڪ جي هاڪاري تصور کي نئين بلندين تائين پهچايو آهي. اوورسيز پاڪستانين جو چوڻ آهي ته پاڪستان امن جو فاتح بڻجي اڀريو آهي ۽ عالمي سطح تي اسان جو ڳاٽ فخر سان اوچو ٿيو آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين وڌيڪ چيو …
پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ڳاٽ فخر سبب اوچو ٿيو آهي
اسلام آباد- 12 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي سفارتي ڪاميابي تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ڳاٽ فخر سبب اوچو ٿيو آهي، پاڪستان جي قيادت عالمي سطح تي ملڪ جي هاڪاري تصور کي نئين بلندين تائين پهچايو آهي. اوورسيز پاڪستانين جو چوڻ آهي ته پاڪستان امن جو فاتح بڻجي اڀريو آهي ۽ عالمي سطح تي اسان جو ڳاٽ فخر سان اوچو ٿيو آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري دنيا جي تاريخ جو اهم باب ثابت ٿي آهي. پاڪستان جي اها ڪاميابي قومي غيرت ۽ وقار جي عڪاسي ڪري ٿي. پاڪستان جي سڃاڻپ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ سان جڙيل آهي. هنن وڌيڪ چيو آهي ته اها سفارتي ڪاميابي پاڪستان جي هاڪاري عالمي تصور ۽ ذميواري واري ڪردار ۽ امن پسند پاليسي جو ثبوت آهي، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بصيرت ۽ جرئت جي عالمي سطح تي واکاڻ ٿي رهي آهي.












