اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) عالمي ميڊيا پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، اسلام آباد آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اهم ڳالهين جي ميزباني ڪئي ۽ ان اڳڀرائي کي علائقائي استحڪام لاءِ هڪ اهم موڙ قرار ڏنو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق رپورٽس ۾ عالمي اڳواڻن، تجزيو ۽ تبيرو ڪندڙن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته اسلام آباد سفارتڪاري جي اهم مرڪز طور اڀريو …
آمريڪا ايران ڳالهين ۾ سهولتڪاري، عالمي برادري پاران پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف
اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) عالمي ميڊيا پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، اسلام آباد آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اهم ڳالهين جي ميزباني ڪئي ۽ ان اڳڀرائي کي علائقائي استحڪام لاءِ هڪ اهم موڙ قرار ڏنو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق رپورٽس ۾ عالمي اڳواڻن، تجزيو ۽ تبيرو ڪندڙن جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته اسلام آباد سفارتڪاري جي اهم مرڪز طور اڀريو آهي، اعليٰ سطح جي ڳالهين کي خطي ۾ تڪرارن مان نڪرڻ ۽ پرامن ڳالهين ڏانهن کڻي وڃڻ جي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڳالهين ۾ پاڪستان کي عالمي ڌيان جي مرڪز ۾ رکيو ويو آهي، ڪيترن ئي ميڊيا ادارن هڪ قابل اعتماد سهولت ڪار طور ان جي ڪردار کي تسليم ڪيو آهي جيڪو مخالف ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو. عالمي ميڊيا چيو ته پاڪستان جي فعال سفارتڪاري هڪ نازڪ موڙ تي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪئي جنهن سبب وڌندڙ غير مستحڪم جغرافيائي سايسي ماحول ۾ هڪ مستحڪم قوت طور ان کي ساک کي هٿي ملي. رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته امن قائم ڪرڻ ۽ تڪرارن جي حل ۾ پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار جو وڏي پيماني تي اعتراف ڪيو پيو وڃي، ان جي سفارتڪاري کي ڳالهين کي هٿي ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار سان نه رڳو اولهه ايشيا پر وسيع تر عالمي نظام تي به گهرا اثر پئجي سگهن ٿا. هنن چيو ته ڳالهين سان مان لاءِ هڪ پل طور پاڪستان جي ڪردار کي هٿي ملندي ۽ ان جون سفارتي ڪوششون خطي سان گڏو گڏ عاليم استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.












