ڪراچي- 11 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي صدر آصف علي زرداري جي چين جي تازي دوري کانپوءِ طئي ٿيل يادداشتن (ايم او يوز) جو جائزو ورتو ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي قدمن تي غور ڪيو. اجلاس جو مقصد مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ ۽ مربوط حڪمت عملي ذريعي وقت …
چين سان تعاون سنڌ جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ، صنعتي صلاحيت وڌائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو هڪ اهم موقعو آهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 11 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي صدر آصف علي زرداري جي چين جي تازي دوري کانپوءِ طئي ٿيل يادداشتن (ايم او يوز) جو جائزو ورتو ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي قدمن تي غور ڪيو. اجلاس جو مقصد مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ ۽ مربوط حڪمت عملي ذريعي وقت تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ هو. وڏي وزير چيو ته چين سان تعاون سنڌ جي انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ، صنعتي صلاحيت وڌائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو هڪ اهم موقعو آهي. هن هدايت ڏني ته سڀ کاتا رڪاوٽون ختم ڪن ۽ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائين. سندن چوڻ هو ته اهي ايم او يوز ڪاغذن تائين محدود نه رهڻ گهرجن، اسان کي واضح ٽائم لائنز ۽ جوابداري سان عملي اڳڀرائي گهرجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته هر منصوبي جي نگراني لاءِ هڪ فوڪل ميڪنزم قائم ڪيو وڃي ۽ باقاعدگي سان اڳڀرائي رپورٽ وزيراعليٰ آفيس کي پيش ڪئي وڃي جڏهن ته شفافيت ۽ تيز منظوري جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. فائر سيفٽي ۽ ايمرجنسي سروسز جي حوالي سان اجلاس ۾ چيني ڪمپنين سان گڏ جديد فائر فائٽنگ اوزار، فائر ٽرڪس، ايمرجنسي رسپانس سسٽمز ۽ فائر اسٽيشنز جي قيام جي تجويزن جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ (جي ٽو جي) معاهدي تي ڪم جاري آهي. هن بلديات کاتي کي هدايت ڏني ته معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي. ٿر ۾ ڪوئلي مان گئس بڻائڻ ۽ يوريا جي پيداوار جي منصوبي تي پڻ غور ڪيو ويو جنهن تحت مقامي ڪوئلي مان امونيا ۽ يوريا تيار ڪئي ويندي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته فيزيبلٽي اسٽڊيز مئي 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هن ان منصوبي کي توانائي جي تحفظ ۽ زرعي استحڪام لاءِ اهم قرار ڏنو. لائيو اسٽاڪ ٽريڪ اينڊ ٽريس منصوبي تحت جديد چوپائي مال جي رجسٽريشن، ويڪسينشن پروگرامن ۽ بيمارين جي سڃاڻپ جي مرڪزن جي قيام تي پڻ غور ڪيو ويو. وڏي وزير ان منصوبي تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ڏني. ماحولياتي تعاون ۽ پاڻي جي منصوبن جي حوالي سان ڪجهه تجويزن کي فني ۽ مالي بنيادن تي غير مؤثر قرار ڏنو ويو جنهن تي وزيراعليٰ مقامي طور تي عمل جوڳي ۽ گهٽ خرچ کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي. زراعت ۽ غذائي تحفظ لاءِ ڪنٽرولڊ ايگريڪلچر سائنس اينڊ ايجوڪيشن پارڪ جي قيام جي تجويز پڻ غور هيٺ آئي جنهن تي وزيراعليٰ چيني ڀائيوارن سان رابطو وڌائڻ جي هدايت ڪئي. ٽائر ري سائيڪلنگ منصوبي تحت پلاسٽڪ ۽ رٻڙ ري سائيڪلنگ سهولت جي قيام تي پڻ غور ڪيو ويو جنهن کي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. وڏي وزير لاڳاپيل مسئلا جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعليٰ چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تعاون سنڌ جي ترقي لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ سمورا کاتا فعال ڪردار ادا ڪندي منصوبن تي اڳڀرائي کي يقيني بڻائين. چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪيترائي منصوبا پلاننگ جي آخري مرحلن ۾ آهن جڏهن ته ڪجهه فيزيبلٽي منظوري جي مرحلن ۾ آهن. وڏي وزير چيو ته وقت تي عملدرآمد، شفافيت ۽ مسلسل نگراني ئي انهن منصوبن کي جٽادار معاشي فائدن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.











