لاڙڪاڻو /جيڪب آباد (اي پي پي ) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو پنهنجي ڀاءُ سردارزاده رضوان خان اوڍو سان گڏ جيڪب آباد ۾ جکراڻي هائوس تي پهچي ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ مير خالد خان جکراڻي سان سندن والد مرحوم مير بابل خان جکراڻي جي وفات تي دل جي گهراين سان تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فضا انتهائي سوڳوار هئي،جڏهن ته …
آءِ جي سنڌ جيڪب آباد جکراڻي هائوس پهچي ايم اين اي مير اعجاز جکراڻي سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو /جيڪب آباد (اي پي پي ) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو پنهنجي ڀاءُ سردارزاده رضوان خان اوڍو سان گڏ جيڪب آباد ۾ جکراڻي هائوس تي پهچي ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ مير خالد خان جکراڻي سان سندن والد مرحوم مير بابل خان جکراڻي جي وفات تي دل جي گهراين سان تعزيت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فضا انتهائي سوڳوار هئي،جڏهن ته وارثن سان گهري همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا ڏک لفظن ۾ بيان نٿا ڪري سگهجن، پر اسان سڀ هن ڏک جي گهڙي ۾ اوهان سان برابر جا شريڪ آهيون.هن وڌيڪ چيو ته مرحوم مير بابل خان جکراڻي پنهنجي زندگيءَ ۾ علائقي ۽ ماڻهن جي ڀلائي جي علامت سمجهيو ويندو هو. ۽ سندس جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ سندن وڇوڙو نه صرف سندن خاندان پر پوري علائقي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. تعزيتي ملاقات دوران ھن مرحوم جي شخصيت، سندس سماجي ۽ سياسي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته آخر ۾ مرحوم لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي.











