شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو پاران ملازمن لاءِ ”گيٽ ريڊي ٽو رائيڊ“ سائيڪل ريس منعقد

لاڙڪاڻو- 11 اپريل (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه جي ھدايت تي شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو پاران ملازمن ۾ صحت، تندرستي ۽ ماحولياتي ذميواري جي شعور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ”گيٽ ريڊي ٽو رائيڊ“ سائيڪل ريس منعقد ڪئي وئي. اها ريس ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس پاران ”صحت لاءِ پيڊلنگ، ذهني دٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ ڌيان جي بھتري“ …

لاڙڪاڻو- 11 اپريل (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه جي ھدايت تي شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو پاران ملازمن ۾ صحت، تندرستي ۽ ماحولياتي ذميواري جي شعور کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ”گيٽ ريڊي ٽو رائيڊ“ سائيڪل ريس منعقد ڪئي وئي. اها ريس ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس پاران ”صحت لاءِ پيڊلنگ، ذهني دٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ ڌيان جي بھتري“ جي موضوع هيٺ منعقد ڪئي وئي. اها صحتمند سرگرمي وائيس چانسلر جي ان عزم جو مظھر آهي ته تعليمي مھارت سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي هر ملازم جي جسماني ۽ ذهني صحت کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. ريس ۾ 30 کان وڌيڪ ملازمن وڏي اتساهه سان حصو ورتو، جن مان 20 سائيڪل سوارن ڪاميابيءَ سان پنھنجو ھدف مڪمل ڪري ورتو. ملازمن جي حوصلا افزائي لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي آڊيٽوريم ھال ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جتي وائيس چانسلر ترتيبوار پھرين، ٻين ۽ ٽين پوزيشن ماڻيندڙن اظھر علي ڀٽو، روشن علي ميمڻ ۽ تنوير ميراڻي کي ترتيبوار انعام طور نيون سائيڪلون ڏنيون ۽ سمورن شرڪت ڪندڙن کي ميڊلز پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نصرت شاهه چيو ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ منعقد ڪيل سائيڪل ريس ملازمن ۾ صحتمند سرگرمين ۽ مثبت مقابلي کي هٿي وٺرائڻ آهي. ساڳئي وقت وائيٽ ڪوٽ سيريمني ذريعي نون شاگردن کي ڀليڪار ڪندي اسان اميد ٿا ڪريون ته اهي پنهنجي پيشيوراڻي سفر ۾ محنت، ايمانداري ۽ انسانيت جي خدمت کي اوليت ڏيندا. سائيڪل ريس ۾ کٽيندڙ ملازمن کي انعام انسٽيٽيوٽ آف فارميسي، بينظير نرسنگ ڪاليج ۽ لاڙڪاڻو ڪاليج آف ميڊيڪل ٽيڪنالاجي جي نون آيل شاگردن جي مان رکيل وائيٽ ڪوٽ سيريمني ( پھرين ڏينھن واري تقريب) دوران ڏنا ويا. تقريب ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشن جبران ظفر پيرزادو، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر شاھد حسين سومرو، غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي پرنسپال پروفيسر صالح محمد سومرو، نئين شروع ڪيل لاڙڪاڻو ڪاليج آف ميڊيڪل ٽيڪنالاجي جي پرنسپال پروفيسر علي حيدر بلوچ، ڊائريڪٽر فارميسي پروفيسر وسيم عباس، پرنسپال بينظير نرسنگ ڪاليج پروفيسر نظير احمد ٻرڙو سميت سموري فيڪلٽيءَ، آفيسرن، ملازمن ۽ نون آيل شاگردن پنھنجي والدين سميت شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس چيو ته اهڙن پروگرامن ذريعي شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاڙڪاڻو پنهنجي ملازمن لاءِ هڪ صحتمند ۽ روشن مستقبل جي راهه هموار ڪري رهي آهي.