گڏيل قومون- 11 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ آمريڪا – ايران ڳالهين جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوحبارڪ ٻڌايو ته سيڪريٽري جنرل ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو ان سفارتي موقعي مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ نيڪ نيتي سان هڪ ڊگهي ۽ جامع معاهدي طرف اڳڀرائي ڪن، ته جيئن ڇڪتاڻ ۾ …
گڏيل قومن جي سربراهه پاران پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ آمريڪا – ايران ڳالهين جي آجيان
گڏيل قومون- 11 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ٿيندڙ آمريڪا – ايران ڳالهين جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوحبارڪ ٻڌايو ته سيڪريٽري جنرل ڌرين تي زور ڀريو آهي ته هو ان سفارتي موقعي مان ڀرپور فائدو کڻن ۽ نيڪ نيتي سان هڪ ڊگهي ۽ جامع معاهدي طرف اڳڀرائي ڪن، ته جيئن ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ ٻيهر تڪرار جي صورتحال کان بچي سگهجي. ترجمان مطابق انتونيو گوتريش ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته عالمي تڪرارن جو پر امن حل ئي واحد ۽ عمل جوڳو رستو آهي، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر سميت عالمي قانونن جي مطابق آهي.











