سعودي عرب: سياحت واري وزارت طرفان مڪو شريف ۽ مدينو شريف جي هوٽلن لاءِ حج ضابطا جاري

رياض- 11 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي سياحت واري وزارت حج سيزن جي تيارين جي حوالي سان مڪو شريف ۽ مدينو شريف ۾ رهائشي هوٽلن ۽ فرنشڊ اپارٽمنٽس لاءِ ضابطا جاري ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق رهائشي سيڪٽر ۾ ڀڃڪڙين تي سخت سزا ۽ ڏنڊ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. سنگين نوعيت جي ڀڃڪڙي تي لائسنس معطل يا رد به ڪري سگهجي ٿو. وزارت طرفان جاري …

رياض- 11 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي سياحت واري وزارت حج سيزن جي تيارين جي حوالي سان مڪو شريف ۽ مدينو شريف ۾ رهائشي هوٽلن ۽ فرنشڊ اپارٽمنٽس لاءِ ضابطا جاري ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق رهائشي سيڪٽر ۾ ڀڃڪڙين تي سخت سزا ۽ ڏنڊ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. سنگين نوعيت جي ڀڃڪڙي تي لائسنس معطل يا رد به ڪري سگهجي ٿو. وزارت طرفان جاري ضابطن ۾ چيو ويو آهي ته حج سيزن دوران ورجايل ڀڃڪڙي تي مقرر ڏنڊ ٻيڻو ڪيو ويندو. وزارت واضح ڪيو آهي ته اهي ڀڃڪڙيون جن تي مالي سزا مقرر ناهي، اهڙي صورت ۾ ڀڃڪڙي ورجائڻ تي لاڳاپيل ڪميٽي عارضي طور تي اداري کي سيل يا ان جو لائسنس معطل ڪرڻ جو به اختيار رکي ٿي، جڏهن ته ٽيون ڀيرو ڀڃڪڙي ڪرڻ جي صورت ۾ لائسنس مڪمل طور تي رد ڪري سگهجي ٿو.