سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ جي ٻئي مرحلي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي-10 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ جي ٻئي مرحلي فيز 2 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪو شهر ۾ شهري سيڪيورٽي، نگراني ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي جنهن تحت 2300 کان وڌيڪ سمارٽ ڪيمرائون ۽ جديد مانيٽرنگ انفراسٽرڪچر لڳايو ويندو. وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي (SSCA) جي اجلاس …

ڪراچي-10 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ جي ٻئي مرحلي فيز 2 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جيڪو شهر ۾ شهري سيڪيورٽي، نگراني ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي جنهن تحت 2300 کان وڌيڪ سمارٽ ڪيمرائون ۽ جديد مانيٽرنگ انفراسٽرڪچر لڳايو ويندو. وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ سيف سٽيز اٿارٽي (SSCA) جي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير ان ڳالهه تي زورڀريو ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي عوامي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سندس حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اجلاس ۾ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس جاويد اوڍو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري ايڪسائيز سليم راجپوت، ڊي جي ايس ايس سي اي سرفراز نواز، آغا فخر ۽ ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه شرڪت ڪئي. اٿارٽي جي ميمبرن، ايم پي ايز سيد سرفراز شاهه، علي حسن هنگورجو، سمتا افضل، حميرا فراز ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ 2314 سمارٽ نگراني ڪيمرائون لڳائڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي جن ۾ 870 عام نگراني لاءِ، 1300 آٽوميٽڪ نمبر پليٽ ريڪگنيشن (ANPR) ۽ چهري جي سڃاڻپ (facial recognition) سان ليس، 80 ٽريفڪ جو نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ، 56 موبائل نگراني يونٽ، ۽ 8 ٽريفڪ سگنل مانيٽرنگ لاءِ وقف ڪيون ويون آهن. اهي ڪيمرائون ڪراچي جي ضلعن ۾ لڳايون وينديون، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوريج ضلعو ڏکڻ (322 ڪيمرائون)، ان کان پوءِ اوڀر (220)، ڪورنگي (27)، ڪيماڙي (17)، ملير (16)، ۽ اولهه ۾ هڪ هوندي، جنهن سان شهر جي نگراني جو نيٽ ورڪ ڪافي حد تائين وسيع ٿي ويندو. هي منصوبو جنهن جي اندازي مطابق لاڳت تقريبن 9.98 ارب رپيا آهي، 12 مهينن اندر مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن تي ڪم مئي 2026 ۾ شروع ٿيڻ جي اميد آهي. انفراسٽرڪچر جي حصن ۾ نو پوائنٽس آف پريزنس (PoP) سائيٽون شامل آهن جيڪي سولر ۽ جنريٽر بيڪ اپ سان ليس آهن هڪ سمارٽ نگراني ٽاور، مرڪزي ڪمانڊ سسٽم سان ڳنڍيل 50 پبلڪ پينڪ بٽڻ، آن بورڊ ڪيمرائن سان ليس اٺ ريسپانس گاڏيون، ۽ 10 نگراني ڊرونز شامل آهن. مراد علي شاهه نشاندهي ڪئي ته حڪومت خريداري تي ڳالهين ذريعي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جي بچت ڪئي آهي جيڪا معيار کي برقرار رکندي مالي احتياط جو ثبوت آهي. هن چيو ته هي رڳو هڪ ترقياتي منصوبو ناهي – هي عوامي تحفظ ۽ قومي سلامتي ۾ هڪ اهم سيڙپڪاري آهي. وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي ته منظوري جي عمل کي تيز ڪن ۽ وقت تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين، هن خبردار ڪيو ته دير جي صورت ۾ لاڳت وڌي سگهي ٿي، خاص طور تي نگراني جي سامان جي وڌندڙ عالمي قيمتن جي ڪري. آپريشنل تياري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، ايس ايس سي اي (SSCA) ٽيڪنيڪل اسٽاف جي ڀرتي جو شفاف عمل مڪمل ڪري ورتو آهي جيڪو ماهر پينلن ۽ نگراني ڪميٽين جي نگراني ۾ هڪ گهڻ-مرحلي، ميرٽ تي ٻڌل سڃاڻپ واري نظام ذريعي ڪيو ويو. وڏي وزير ايس ايس سي اي ايڪٽ جي لاڳاپيل شقن تحت مقرريون ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪراچي کان علاوه اجلاس ۾ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد سميت ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي تجويزن جو پڻ جائزو ورتو ويو جن جي ڪل اندازي مطابق لاڳت 3.15 ارب رپيا آهي ۽ ان ۾ 780 ڪيمرائون لڳايون وينديون. فيصلو ڪيو ويو ته اهي تجويزون وڌيڪ جائزي لاءِ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (P&D) کاتي کي موڪليون وڃن. مراد شاهه سڀني سيف سٽي قدمن کي هڪ متحد ايس ايس سي اي فريم ورڪ تحت آڻڻ جي اهميت تي زور  ڀريو ته جيئن معيار کي برقرار رکڻ، ڪم جي ورجاءُ کان بچڻ ۽ ڪوآرڊينيشن کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته ٽڪرن ۾ ورهايل نظام اثرائتو ناهي هوندو، اسان جو مقصد پوري سنڌ ۾ هڪ مڪمل طور تي مربوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ آهي. پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وڏي وزير چيو ته سيف سٽي جي شروعات سان نه رڳو ڏوهن جي روڪٿام ۽ جوابي ڪارروائي ۾ بهتري ايندي پر ٽريفڪ جي انتظام ۽ هنگامي خدمتن کي پڻ هٿي ملندي، جيڪا آخرڪار ڪراچي کي هڪ محفوظ ۽ وڌيڪ مضبوط شهر بڻائيندي.