ڪراچي-10 اپريل (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪفايت شعاري واري پاليسي تحت مارڪيٽن، ريسٽورنٽس ۽ شادي ھالن جا نوان وقت جاري ڪندي باضابطا طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي.سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل پڌرنامي موجب دڪانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن جا وقت فوري طور تي لاڳو ھوندا. ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرز کانسواءِ سمورن ضلعن ۾ دڪان، مارڪيٽون، شاپنگ مالز ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز رات 8 وڳي بند …
سنڌ حڪومت پاران ڪفايت شعاري واري پاليسي تحت مارڪيٽن، ريسٽورنٽس ۽ شادي ھالن جي نون وقتن بابت نوٽيفڪيشن جاري

مزید خبریں
ڪراچي-10 اپريل (اي پي پي) سنڌ حڪومت ڪفايت شعاري واري پاليسي تحت مارڪيٽن، ريسٽورنٽس ۽ شادي ھالن جا نوان وقت جاري ڪندي باضابطا طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي.سنڌ حڪومت جي جاري ڪيل پڌرنامي موجب دڪانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن جا وقت فوري طور تي لاڳو ھوندا. ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرز کانسواءِ سمورن ضلعن ۾ دڪان، مارڪيٽون، شاپنگ مالز ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز رات 8 وڳي بند ڪيا ويندا جڏھن ته ڊويزنل ھيڊڪوارٽرز ۾ بنڊش جو وقت رات نائين وڳي مقرر ڪيو ويو آھي. ھي حڪم ڇنڇر آچر سميت ھفتي جا ست ئي ڏينھن لاڳو ھوندا.سنڌ حڪومت واضح ڪيو آھي ته تندور، کير، ڊيري جا دڪان، بيڪريون، ميڊيڪل اسٽور، ليبارٽريون، اسپتال ۽ پيٽرول پمپ اُنھن پابندين کان آجا ھوندا. ريسٽورنٽس، فوڊ آئوٽ ليٽس تي رڳو شام جو 7 وڳي کان رات ساڍي 11 وڳي تائين ڊنر سروس جي اجازت ڏني وئي آھي جڏھن ته ھوم ڊليوري ۽ ٽيڪ اوي سروس تي ڪابه پابندي نه ھوندي.سنڌ حڪومت جي پڌرنامي موجب شادي ھالز ۽ بينڪوئٽس تي تقريبون منعقد ڪرڻ جي اجازت رات 8 وڳي کان 12 وڳي تائين ڏني وئي آھي. سنڌ حڪومت ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي ھدايت ڪئي آھي ته اُھي سنڌ پوليس جي سھڪار سان اُنھن حڪمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائن.











