پاڪستان پاران ڪوسووو ۽ سربيا وچ ۾ اعتماد سازي ۽ ڳالهين تي زور، خطي ۾ امن جي اپيل

گڏيل قومون – 10 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪوسووو ۽ سربيا وچ ۾ پراڻن تڪرارن جي حل لاءِ اعتماد سازي ۽ ڳالهين کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪوسووو ۽ سربيا وچ ۾ اعتماد جي بحالي …

گڏيل قومون – 10 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڪوسووو ۽ سربيا وچ ۾ پراڻن تڪرارن جي حل لاءِ اعتماد سازي ۽ ڳالهين کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪوسووو ۽ سربيا وچ ۾ اعتماد جي بحالي ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته خطي ۾ چڙ ڏياريندڙ بيانن، نفرت انگيز تقريرن ۽ نسلي ڇڪتاڻ کي وڌڻ کان روڪڻ ضروري آهي، نه ته امن ۽ استحڪام متاثر ٿي سگهي ٿو. سندس مطابق پائيدار امن لاءِ سنجيده ۽ مسلسل ڳالهين، معاهدن تي مڪمل عمل ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي اڻٽر آهي. پاڪستاني نمائندي يورپي يونين جي ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون تعميري سهڪار جاري رکنديون ۽ هڪ طرفن قدمن کان پاسو ڪنديون. اجلاس ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي به چيو ته چونڊن ۾ وسيع شرڪت ڏسڻ ۾ آئي آهي، پر سياسي تعطل ۽ انتظامي چئلينجز اڃان به موجود آهن، جڏهن ته ادارن ۽ برادرين وچ ۾ اعتماد سازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي.