روس پاران ايسٽر جي موقعي تي جنگ بندي جو اعلان

ماسڪو – 10 اپريل (اي پي پي)روس جي صدر ولاديمير پيوٽن آرٿوڊوڪس ايسٽر جي موقعي تي جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا 11 کان 12 اپريل تائين لاڳو رهندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪريملن پاران جاري ڪيل بيان مطابق جنگ بندي 11 اپريل تي ماسڪو جي وقت مطابق شام جو 4 وڳي کان شروع ٿي 12 اپريل جي رات تائين جاري رهندي. ان عرصي دوران روس جي فوج کي …

ماسڪو – 10 اپريل (اي پي پي)روس جي صدر ولاديمير پيوٽن آرٿوڊوڪس ايسٽر جي موقعي تي جنگ بندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا 11 کان 12 اپريل تائين لاڳو رهندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪريملن پاران جاري ڪيل بيان مطابق جنگ بندي 11 اپريل تي ماسڪو جي وقت مطابق شام جو 4 وڳي کان شروع ٿي 12 اپريل جي رات تائين جاري رهندي. ان عرصي دوران روس جي فوج کي سمورن محاذن تي جنگي ڪارروائيون روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته دفاع واري وزير آندري بيلوسوف ۽ چيف آف جنرل اسٽاف ويلري گيراسيموف کي ان فيصلي تي عمل کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. پر روس جي فوج کي ڪنهن به امڪاني حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جي به هدايت ڏني وئي آهي. ڪريملن اميد ظاهر ڪئي آهي ته يوڪرين به ان قدم جي پيروي ڪندي ايسٽر جي موقعي تي جنگ بندي جو اعلان ڪندو.