لائوس پاران ايران ۽ آمريڪا وچ جنگ بندي معاهدي جي آجيان

وينتيان-10 اپريل(اي پي پي)لائوس ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن هفتن جي جنگ بندي معاهدي جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۽ عالمي سطح تي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب لائوس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها اڳڀرائي تڪرار جي حل طرف هڪ هاڪاري قدم آهي ۽ ان سان صورتحال ۾ بهتري جي اميد …

وينتيان-10 اپريل(اي پي پي)لائوس ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن هفتن جي جنگ بندي معاهدي جي آجيان ڪندي ان کي خطي ۽ عالمي سطح تي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب لائوس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها اڳڀرائي تڪرار جي حل طرف هڪ هاڪاري قدم آهي ۽ ان سان صورتحال ۾ بهتري جي اميد پيدا ٿي آهي. بيان ۾ سمورين ڌرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪن. تشدد جا سمورا طريقا بند ڪيا وڃن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون موجب پرامن طريقي سان تڪرار جي حل لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن.لائوس ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته عالمي برادري کي خطي ۾ جٽادار امن لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ گهرجن.