جيفري ايپسٽين سان منهنجو ڪو تعلق نه آهي: ميلا نيا ٽرمپ

واشنگٽن-10 اپريل(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گهر واري خاتون اول ميلا نيا ٽرمپ جنسي ڏوهن ۾ سزا مليل جيفري ايپسٽين سان ڪڏهن به ڪنهن قسم جي تعلق کي رد ڪندي چيو آهي ته  ان قسم جي ڪوڙي دعويٰ ڪري اسان کي بدنام ڪيو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽن موجن ميلانيا ٽرمپ گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ خطاب دوران چيو ته مونکي اڻوڻندڙ شخص جيفري ايپسٽين سان ملائڻ وارو سلسلو …

واشنگٽن-10 اپريل(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گهر واري خاتون اول ميلا نيا ٽرمپ جنسي ڏوهن ۾ سزا مليل جيفري ايپسٽين سان ڪڏهن به ڪنهن قسم جي تعلق کي رد ڪندي چيو آهي ته  ان قسم جي ڪوڙي دعويٰ ڪري اسان کي بدنام ڪيو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽن موجن ميلانيا ٽرمپ گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ خطاب دوران چيو ته مونکي اڻوڻندڙ شخص جيفري ايپسٽين سان ملائڻ وارو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. هن واضع ڪيو ته ايپسٽين يا سندس ساٿي گيلين ميڪسويل سان ڪڏهن به ڪو به تعلق نه رهيو آهي ۽ خط ذريعي معمولي رابطو ٿيو هو. هن وڌيڪ چيو ته ڪڏهن به جيفري سان دوستي نه رهي آهي، مون کي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪڏهن ڪڏهن پارٽين ۾ شرڪت جي دعوت ملندي هئي جٿي ايپسٽين به هوندو  هو. مان واضع ڪرڻ  چاهيان ٿي ته منهنجو ايپسٽين يا ميڪسويل سان ڪو به تعلق نه رهيو آهي.