ٽوڪيو-10 اپريل (اي پي پي) جاپان روس سان جاري تڪرارن باوجود سفارتي رابطن کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو موقف جاپان جي پرڏيهي وزارت جي سالياني رپورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. رپورٽ جنهن کي ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، ۾ چيو ويو آهي ته جاپان ۽ روس وچ ۾ ڪيترائي حل طلب مسئلا موجود آهن، ان لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بامقصد …
جاپان پاران روس سان جاري تڪرارن باوجود سفارتي رابطن کي برقرار رکڻ تي زور

مزید خبریں
ٽوڪيو-10 اپريل (اي پي پي) جاپان روس سان جاري تڪرارن باوجود سفارتي رابطن کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو موقف جاپان جي پرڏيهي وزارت جي سالياني رپورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. رپورٽ جنهن کي ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، ۾ چيو ويو آهي ته جاپان ۽ روس وچ ۾ ڪيترائي حل طلب مسئلا موجود آهن، ان لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بامقصد ڳالهيون جاري رکڻ ضروري آهن. پرڏيهي وزارت يوڪرين جي حمايت جاري رکڻ ۽ روس تي پابندين جي دٻاءُ کي برقرار رکڻ جي به سفارش ڪئي، جيڪا 2022ع کان جاپان جي پاليسي جو حصو آهي. رپورٽ ۾ امن معاهدي جي ضرورت ۽ علائقائي تڪرار جي حل تي به زور ڀريو ويو.











