بيجنگ-10 اپريل (اي پي پي)چين جي صدر شي جن پنگ تائيوان جي آزادي خلاف پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته چين تائيوان جي ڌار ٿيڻ کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو بيان هن تائيوان وڏي اپوزيشن پارٽي ڪومنتانگ (ڪي ايم ٽي) جي اڳواڻ چينگ لي ون سان بيجنگ ۾ ملاقات دوران ڏنو، جيڪو ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ چين جي دوري تي آهي. عظيم عوامي …
آبنائي تائيوان جي ٻنهي پاسي رهندڙ ماڻهو هڪ ئي خاندان جو حصو آهن: چين جو صدر

مزید خبریں
بيجنگ-10 اپريل (اي پي پي)چين جي صدر شي جن پنگ تائيوان جي آزادي خلاف پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته چين تائيوان جي ڌار ٿيڻ کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو بيان هن تائيوان وڏي اپوزيشن پارٽي ڪومنتانگ (ڪي ايم ٽي) جي اڳواڻ چينگ لي ون سان بيجنگ ۾ ملاقات دوران ڏنو، جيڪو ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ چين جي دوري تي آهي. عظيم عوامي هال ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ چين جي صدر چيو ته آبنائي تائيوا جي ٻنهي طرفن کان رهندڙ ماڻهو هڪ ئي خاندان جو حصو آهن ۽ امن، ترقي ۽ تعاون چاهيون ٿا. هن هڪ چين جي اصول تي زور ڀريندي چيو ته تائيوان جي آزادي خطي جي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. چينگ لي ون ان دور کي امن مشن قرار ڏنو آهي، جنهن جو مقصد ٻنهي پاسن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي.











