اسرائيل جي وزيراعظم کي عوامي مقبوليت ۾ گهٽتائي ۽ جنگ بندي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي: رپورٽ

تلا بيب-10 اپريل(اي پي پي)اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي هڪ ئي وقت پنهنجي عوامي مقبوليت ۾ گهٽتائي ۽ جارحاڻين ڪاررواين کي روڪرائڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي دٻاءَ ۾ اضافي جو چئلينج درپيش آهي ۽ اها صورتحال هڪ اهڙي وقت ۾ پيدا ٿي آهي جڏهن ملڪي چونڊون ويجهو آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي ميڊيا تي جاري ٿيل سروي رپورٽ موجب 58 سيڪڙو اسرائيلي شهرين ايران سان جنگ دوران …

تلا بيب-10 اپريل(اي پي پي)اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي هڪ ئي وقت پنهنجي عوامي مقبوليت ۾ گهٽتائي ۽ جارحاڻين ڪاررواين کي روڪرائڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي دٻاءَ ۾ اضافي جو چئلينج درپيش آهي ۽ اها صورتحال هڪ اهڙي وقت ۾ پيدا ٿي آهي جڏهن ملڪي چونڊون ويجهو آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي ميڊيا تي جاري ٿيل سروي رپورٽ موجب 58 سيڪڙو اسرائيلي شهرين ايران سان جنگ دوران حاصل ٿيل ڪاميابي جي اسرائيلي دعوائن تي شڪ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته 79 سيڪڙو اسرائيلي شهرين حزب الله خلاف لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروايون بند ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي. بينجمن نيتن ياهو تي عالمي سطح تي خاص ڪري آمريڪا طرفان جنگ بندي جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي. جڏهن ته ان سان گڏوگڏ گذريل 24 ڪلاڪن دوران جرمني، ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪن پاران اسرائيل کي چيو پيو وڃي تي جنگ بندي جي شرطن تي عملدر آمد ڪري. اها صورتحال بينجمن نيتن ياهو کي ملڪ ۾ جلد ئي منعقد ٿيندڙ چونڊن دوران ڏکيائي ۾ وجهي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته اسرائيلي ووٽرن جو وڏو تعداد پنهنجي اکين سان اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي ته نيتن ياهو جنگ بندي تي عملدر آمد نه ڪري رهيو آهي.