واشنگٽن-10 اپريل(اي پي پي) آمريڪا ۾ وفاقي جج پينٽاگون جي دفاع واري کاتي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي رسائي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڊسٽرڪٽ ڪورٽ آف ڪولمبيا جي سينيئر جج پال فريڊ مين فيصلي ۾ دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ جي ميڊيا تائين رسائي محدود ڪرڻ وارين ڪوششن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پينٽاگون نئين ڪارروائي ڪرڻ جي بهاني هڪ غير قانوني پاليسي …
آمريڪي جج پينٽاگون کي پريس جي رسائي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
واشنگٽن-10 اپريل(اي پي پي) آمريڪا ۾ وفاقي جج پينٽاگون جي دفاع واري کاتي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي رسائي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڊسٽرڪٽ ڪورٽ آف ڪولمبيا جي سينيئر جج پال فريڊ مين فيصلي ۾ دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ جي ميڊيا تائين رسائي محدود ڪرڻ وارين ڪوششن تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پينٽاگون نئين ڪارروائي ڪرڻ جي بهاني هڪ غير قانوني پاليسي بحال نه ٿو ڪري سگهي ۽ عدالت کان اکيون بند رکڻ جي اميد نه ٿي ڪري سگجهي. جج چيو ته آمريڪي آئين ۾ پهرين ترميم تحت حاصل حقن ۾ گهٽتائي ڪرڻ ڪنهن به وقت خطرناڪ آهي ۽ جنگ دوران ان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. آمريڪا جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ آف ڪولمبيا جي سينيئر جج پال فريد مين گذريل مهيني دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ طرفان جاري ڪيل پاليسي جي ڪيترن ئي اصولن کي معطل ڪري ڇڏيو جنهن تحت هن پينٽاگون ۽ ان جي رپورٽنگ جي بنياد تي صحافين جي ڊگرين کي معطل يا رد ڪرڻ جي اجازت ڏني. جج پينٽاگون کي ڏنل ان اجازت کي پڻ غلط قرار ڏنو.











