پاڪستان جو آئين اسان جي جمهوريت جو بنياد آهي، قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اتحاد ۽ـ ديانتداريءَ سان آئين جي پاسداري اڻٽر آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جو آئين اسان جي جمهوريت جو بنياد آهي، جيڪو شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ رياستي ادارن جي استحڪام کي يقيني بڻائي ٿو، قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اتحاد ۽ـ ديانتداريءَ سان آئين جي پاسداري اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن يومِ دستور جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال 10 اپريل (اڄ) جي …

اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان جو آئين اسان جي جمهوريت جو بنياد آهي، جيڪو شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ رياستي ادارن جي استحڪام کي يقيني بڻائي ٿو، قومي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اتحاد ۽ـ ديانتداريءَ سان آئين جي پاسداري اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن يومِ دستور جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال 10 اپريل (اڄ) جي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. اسپيڪر 10 اپريل 1973ع جي تاريخي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ان ڏينهن پاڪستان متفقه آئين کي اختيار ڪيو جيڪو ملڪ جي جمهوري تاريخ جو هڪ فيصلائتو لمحو هو. هن چيو ته ان ائين قومي يڪجهتي، شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ اداره جاتي استحڪام لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪيو. هن چيو ته آئين جو احترام، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوري روايتن جو تسلسل پائيدار قومي ترقيءَ لاءِ اڻٽر آهي. هن 1973ع جي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽ ان وقت جي سياسي قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪيو جن اختلافن کي پاسيرو رکي هڪ اهڙو آئيني ڍانچو جوڙيو جيڪو اڄ به پاڪستان ۾ طرزِ حڪمراني ۽ جمهوري ادارن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين ملڪ جو اعليٰ ترين قانون آهي جيڪو رياستي ادارن جي اختيارين ۽ ذميدارين جو تعين ڪري ٿو، شهرين جي حقن جو خاڪو پيش ڪري ٿو ۽ هر سطح تي احتساب کي يقيني بڻائي ٿو. هن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ قانونسازيءَ ۾ بهتري، طرزِ حڪمرانيءَ کي اثرائتو بڻائڻ ۽ شفافيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته قومي اتحاد ۽ آئيني اصولن سان پُختي وابستگي پاڪستان جي مضبوطي ۽ ترقي کي هٿي ملي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت جي فعال سفارتي ڪوششن قوم جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪيو آهي ۽ـ پاڪستان جي عالمي وقار ۽ـ خودمختياري کي مستحڪم ڪيو آهي. اسپيڪر سمورين سياسي قوتن تي زور ڀريو ته اهي قومي مفادن لاءِ گڏجي ڪم ڪن ۽ 1973ع جي اسيمبليءَ جي ڀائيواريءَ واري جذبي ۾ رهنمائي حاصل ڪن. هن نوجوان نسل کي آئين کان آگاهه ڪرڻ ۽ کين جمهوري اصولن جي پاسداري ۽ قومي ترقيءَ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه يومِ دستور جي موقعي تي قوم کي مبارڪون پيش ڪيون. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ متعارف ڪرايل 1973ع جو آئين پاڪستان جي جمهوري خودمختياري، وفاقيت ۽ قومي يڪجهتيءَ جي علامت آهي. هن وڌيڪ چيو ته 1973ع جي اسيمبليءَ جون آئيني ڪاميابيون پاڪستان جي تاريخ جو هڪ فخر جوڳو باب آهي ۽ قومي خدمتن لاءِ عزم جو روشن مثال آهي. ڊپٽي اسپيڪر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ـ شهرين جي حقن جو تحفظ آئين ۽ ان ۾ داخل جمهوري اصولن جي مضبوطيءَ سان پاسداري تي ٻَڌل آهي.