فنشڪل ليگ ۽ جي ڊي اي ، پ پ کي شڪست نٿيون ڏئي سگهن، ايندڙ چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿيندو: نوابزاده برهان چانڊيو

لاڙڪاڻو/نصير آباد-09 اپريل (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي وارھ جي ايم پي اي نوابزاده برھان خان چانڊيو چيو آهي ته فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي سميت ڪو به پاڪستان  پيپلزپارٽي  کي شڪست نه ٿو ڏئي سگھي، پاڪستان پيپلزپارٽي  عوامي  پارٽي آهي، ناڪام سياستدان ھر دور ۾ پيپلزپارٽي  خلاف اتحاد جوڙيندا آهن پر کين سدائين ناڪامي نصيب ٿيندي آهي، تعلقه پريس ڪلب نصيرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن مختلف سوالن جا …

لاڙڪاڻو/نصير آباد-09 اپريل (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي وارھ جي ايم پي اي نوابزاده برھان خان چانڊيو چيو آهي ته فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي سميت ڪو به پاڪستان  پيپلزپارٽي  کي شڪست نه ٿو ڏئي سگھي، پاڪستان پيپلزپارٽي  عوامي  پارٽي آهي، ناڪام سياستدان ھر دور ۾ پيپلزپارٽي  خلاف اتحاد جوڙيندا آهن پر کين سدائين ناڪامي نصيب ٿيندي آهي، تعلقه پريس ڪلب نصيرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڪڻڪ جي خريداري جا مرڪز جلد کوليا ويندا، پيپلزپارٽي جي قيادت ھاري ڪارڊ ڏيڻ سميت ٻج ۽ ڀاڻ جون سھولتيون ڏئي تاريخي ڪم ڪيو آهي، ھن چيو ته مستقبل پاڪستان پيپلزپارٽي جو آهي ۽ ايندڙ  عام چونڊون ۾ ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو، عمران خان جو ڪو به مستقبل ڪونهي، ھن چيو ته مان پنهنجي تڪ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، نصيرآباد شھر جي تعلقه اسپتال جي بحاليءَ ۽ لائبريري لاءِ ڪوششون وٺون پيا، ھن چيو مھانگائي جي لھر پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي،ايندڙ ٻن ڏينهن اندر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گھٽتائي اچي ويندي، اميد آهي ته اسلام آباد ۾ رٿيل ڳالھين جا بھتر نتيجا نڪرندا، ان کان اڳ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي نوابزاده برھان خان چانڊيو نصيرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ مختلف برادرين سان سندن جي پيارن جي وڇوڙي تي تعزيتون ڪيون، ان موقعي  سٽي صدر  وسيم راجا شيخ، فدا حسين غيباڻي، ،  ٽائون چيئرمين يوسف عزيز ڇٽو  مير عابد حسين پنھور رئيس بخش علي چانڊيو حاجي وزير علي ڦلپوٽو۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.