بلوچستان جي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي پاران مير بابل خان جکراڻي جي لاڏاڻي تي سندس پٽ ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ آزاد خان جکراڻي سان تعزيت

لاڙڪاڻو/ جيڪب آباد_ 9 اپريل(اي پي پي) بلوچستان جو وزيراعليٰ سرفراز بگٽي ڪالهه جيڪب آباد پهچي جکراڻي هائوس ۾ مرحوم مير بابل خان جکراڻي جي وفات تي سندس پٽ ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ آزاد خان جکراڻي سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪري اهم شاهراھون سيل ڪيون ويون. هن چيو ته بابل خان جکراڻي جي وفات تي دلي ڏک ٿيو آهي، سرفراز …

لاڙڪاڻو/ جيڪب آباد_ 9 اپريل(اي پي پي) بلوچستان جو وزيراعليٰ سرفراز بگٽي ڪالهه جيڪب آباد پهچي جکراڻي هائوس ۾ مرحوم مير بابل خان جکراڻي جي وفات تي سندس پٽ ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي ۽ آزاد خان جکراڻي سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪري اهم شاهراھون سيل ڪيون ويون. هن چيو ته بابل خان جکراڻي جي وفات تي دلي ڏک ٿيو آهي، سرفراز بگٽي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ بلوچستان حڪومت دهشتگردن خلاف اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ سڀني دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته هاڻي بلوچستان ۾ امن ۽ امان جي صورتحال اڳ کان بهتر ٿي رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه دهشتگردن جي مخالفت ڪئي آهي، پارٽي جو مشن ملڪ ۾ امن امان بحال ڪرڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪوششون جاري آهن.