لاڙڪاڻو _ 9 اپريل (اي پي پي ) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي هدايت تي ڪشمور ضلعي اندر ڪيميڪل کير بابت عوامي شڪايت تي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي شهزاد فضل عباسي شهر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي موبائيل ليبارٽري ٽيم مختلف فوڊ يونٽن جو معائنو ڪيو ان دوران فوڊ سيفٽي ايس او پيز جي خلاف ورزين جو انڪشاف ٿيڻ تي …
ڪشمور ضلعي اندر ڪيميڪل کير بابت عوامي شڪايت تي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران مختلف فوڊ يونٽن جو معائنو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو _ 9 اپريل (اي پي پي ) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ آغا شير زمان جي هدايت تي ڪشمور ضلعي اندر ڪيميڪل کير بابت عوامي شڪايت تي ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي شهزاد فضل عباسي شهر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي موبائيل ليبارٽري ٽيم مختلف فوڊ يونٽن جو معائنو ڪيو ان دوران فوڊ سيفٽي ايس او پيز جي خلاف ورزين جو انڪشاف ٿيڻ تي ڏنڊ ۽ بهتري جا نوٽيس جاري ڪيا ويا. ان بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور شارخ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تنگواڻي ڊاڪٽر علي رضا بوزدار به ڪارروائي ڪندي موبائيل ليبارٽري ٽيم تعلقي تنگواڻي ۽ ڪشمور ۾ مختلف فوڊ يونٽن جو معائنو ڪيو. دوري جو مقصد فوڊ سيفٽي معيارن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ ۽ عوام کي محفوظ ۽ معياري خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ هو. معائني دوران تعلقه ڪشمور ۾ دستگير ملڪ شاپ تي کير اندر پاڻي ثابت ٿيڻ تي 10 هزار ڏنڊ لڳايو ويو ۽ فوڊ سيفٽي ايس او پيز جي خلاف ورزين جو انڪشاف ٿيڻ ۽ يونائيٽيڊ بيڪرز تي کاڌي وارين شين اندر ڊٽرجنٽ مثبت اچڻ تي 50 هزار ڏنڊ لڳايو ويو ۽ سڌارن لاءِ فوري هدايتون جاري ڪيون ويون. جڏهن ته معائني دوران تعلقه تنگواڻي ۾ بهلڪاڻي ڊيري شاپ تي بهتري لاءِ نوٽس جاري ڪيو ويو. انيس ڊيري کي به بهتري نوٽيس ۽ لائسنس چالان جاري ڪيو ويو. نادر ڊيري تي بهتري نوٽس ۽ لائسنس چالان جاري ڪيو ويو.











