صدر آصف علي زرداري پاران اسرائيلي قابض فوج طرفان مسجد اقصيٰ تي چڙهائي جي سخت مذمت

اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسرائيلي قابض فوج طرفان مسجد اقصيٰ (الحرم الشريف) تي چڙهائي جي سخت مذمت ڪندي ان کي عالمي قانون جي خلاف ورزي ۽ مقدس هنڌ جي تقدس ۽ تاريخي حيثيت تي حملو قرار ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر 6 اپريل تي هڪ اسرائيلي وزير سان منسوب واقعي جو حوالو ڏيندي …

اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسرائيلي قابض فوج طرفان مسجد اقصيٰ (الحرم الشريف) تي چڙهائي جي سخت مذمت ڪندي ان کي عالمي قانون جي خلاف ورزي ۽ مقدس هنڌ جي تقدس ۽ تاريخي حيثيت تي حملو قرار ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر 6 اپريل تي هڪ اسرائيلي وزير سان منسوب واقعي جو حوالو ڏيندي ان قدم کي اشتعال انگيز قرار ڏنو ۽ مسجد اقصيٰ جي تسليم ٿيل مذهبي ۽ قانوني حيثيت ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جي ڪوششن کي رد ڪيو. هن مسجد اقصيٰ تائين پُهچ تي تازين پابندين خاص طور تي رمضان ۽ عيد جي دوران لاڳو ڪيل رنڊڪن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خطي جي صورتحال سميت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري تڪرار کي انهن قدمن جي جواز طور استعمال ڪيو پيو وڃي. صدر عالمي برادري تي زور ڏنو ته  هُو اهڙن قدمن کي روڪڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻي. هن فلسطيني عوام لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي هڪ آزاد فلسطين رياست جي قيام جي حمايت ڪئي جنهن جي گادي جو هنڌ القدس الشريف هُجي.