اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي وڏي سفارتي ڪاميابي حاصل ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ وڏو امڪاني علائقائي ٽڪراءُ ختم ٿي ويو ۽ دنيا کي امڪاني معاشي بحران کان بچڻ ۾ به مدد ملي آهي. ايڪس تي هن چيو ته اها ڪاميابي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دانشمنداڻي …
پاڪستان سدائين ذميدار رياست طور عالمي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي وڏي سفارتي ڪاميابي حاصل ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ وڏو امڪاني علائقائي ٽڪراءُ ختم ٿي ويو ۽ دنيا کي امڪاني معاشي بحران کان بچڻ ۾ به مدد ملي آهي. ايڪس تي هن چيو ته اها ڪاميابي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دانشمنداڻي قيادت ۽ سفارتي ڪوششن جو نتيجو آهي. سندن ڪوششن سبب ڌرين وچ ۾ جنگ بندي ممڪن ٿي جنهن سان نه رڳو ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آئي پر خطي ۾ امن جا امڪان به روشن ٿيا. احسن اقبال ان اڳڀرائي کي پاڪستان لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته اسلام آبا ۾ ڳالهيون هڪ پائيدار امن جو بنياد ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان هميشه ذميدار رياست طور عالمي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اها ڪاميابي انهي پاليسي جو تسلسل آهي . وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته انهي ڪاميابي سان نه رڳو پااڪستان جو عالمي وقار بلند ٿيو آهي پر عالمي برادري ۾ ملڪ جي مثبت ۽ تعميري ڪردار کي به ساراهيو پيو وڃي. هن قوم کي اپيل ڪئي ته اها ان ڪاميابي تي الله سائين جو شڪريو ادا ڪري ۽ ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ سلامتي لاءِ دعاگو رهي.












