اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سروس لانگ مارچ ٽائرز (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي چيئرمين جن يونگ شينگ ۽ سندس وفد تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ٽائر انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٽيرف پاليسي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڪمپني پاڪستان ۾ وڌيڪ 120 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو …
چيني ڪمپني پاڪستان جي ٽائر بڻائڻ جي صنعت ۾ 120 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي: ڄام ڪمال خان
اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سروس لانگ مارچ ٽائرز (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي چيئرمين جن يونگ شينگ ۽ سندس وفد تفصيلي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ٽائر انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٽيرف پاليسي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڪمپني پاڪستان ۾ وڌيڪ 120 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو، جيڪو ملڪ جي صنعتي ۽ معاشي صلاحيت تي ان جي اعتماد جو اظهار آهي. وفد ٻڌايو ته ڪمپني جون 2026ع تائين 70 ملين ڊالرن جي روانگي واپار جو هدف حاصل ڪرڻ جي ويجهو آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ 100 ملين ڊالرن کان وڌيڪ روانگي واپار جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن سان اها ڪمپني ٿوري مدي ۾ پاڪستان جي نمايان نان ٽيڪسٽائيل روانگي واپار ڪندڙن ۾ شامل ٿي سگهي ٿي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان عالمي ٽائر مارڪيٽ ۾ نمايان اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي، جتي آمريڪا ۽ برازيل کي روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا کي ٽائر ايڪسپورٽ ڪندڙ پنجون وڏو ۽ برازيل کي ستون وڏو ايڪسپورٽ ڪندڙ بڻجي چڪو آهي، جيڪو ڪجهه سال اڳ اٽڪل نه هجڻ جي برابر موجودگي کان هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. وفاقي وزير چيو ته ان ڪاميابي جو وڏو سبب چيني حصيدارن سان تعاون ذريعي جديد ٽيڪنالاجي ۽ مهارت جي مٽاسٽا آهي، جنهن سان مقامي پيداوار عالمي معيار تي پورو لهڻ ۽ عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جي قابل ٿي آهي. وفاقي وزير صنعت طرفان اٿاريل مسئلن کي تسليم ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت انهن شعبن جي مڪمل حمايت ڪندي جيڪي بهتر ڪارڪردگي ۽ روانگي واپار جي صلاحيت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهڙي متوازن ٽيرف پاليسي اختيار ڪئي وڃي جيڪا مقامي پيداوار جي حوصلا افزائي سان گڏوگڏ عالمي چٽاڀيٽي کي به يقيني بڻائي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان جي صنعتي ڍانچي کي جديد بڻائڻ لاءِ اڀرندڙ صنعتن کي هٿي ڏيڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ ترقي جي وڏي گنجائش موجود آهي. وفد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ صنعتي حصيداري کي ٽائر سيڪٽر جي تيز رفتار ترقي جو هڪ اهم محرڪ قرار ڏنو. ڪمپني جي نوري آبادي ۾ قائم فيڪٽري کي هڪ جديد ۽ موثر صنعتي يونٽ طور پيش ڪيو ويو، جتي اٽڪل 2 هزار ماڻهن کي روزگار حاصل آهي ۽ قابل تجديد توانائي جي استعمال کي به هٿي ڏني پئي وڃي، جنهن سان هي خطي جي پائيدار پيداوار جي مثالن ۾ شامل آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته روانگي واپار تي ٻڌل ترقي ۽ صنعتي واڌ لاءِ حڪومت ۽ صنعت وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان کي پنهنجي صنعتي صلاحيت وڌائڻ ۽ عالمي چٽاڀيٽي ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ جدت ۽ عالمي حصيداري مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو، سيڙپڪارن عالمي چئلينجز باوجود پاڪستان جي معيشت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.












