اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) عالمي ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ ۽ توانائي جي قيمتن ۾ معمولي اضافو جڏھن ته ڌاتن جي قيمت ۾ گھٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. بلوم برگ ۽ ٻين عالمي ادارن مطابق برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.18 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 97.16 ڊالر، ڊبليو ٽي آءِ جا سودا 3.48 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 97.69 ڊالرز في بيرل ۾ طئي ٿيا، ڪوئلي جي …
عالمي ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ ۽ توانائي جي قيمتن ۾ معمولي اضافو رڪارڊ، ڌاتن جي قيمت ۾ گھٽتائي رڪارڊ
اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) عالمي ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ ۽ توانائي جي قيمتن ۾ معمولي اضافو جڏھن ته ڌاتن جي قيمت ۾ گھٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. بلوم برگ ۽ ٻين عالمي ادارن مطابق برينٽ ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.18 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 97.16 ڊالر، ڊبليو ٽي آءِ جا سودا 3.48 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 97.69 ڊالرز في بيرل ۾ طئي ٿيا، ڪوئلي جي قيمت 3.99 سيڪڙو جي اضافي کانپوءِ 112 ڊالرز ٿي وئي، سون جي قيمت 0.25 ڊالرز جي گھٽتائي کانپوءِ 4719 ڊالرز في اونس ۽ چاندي جي قيمت 0.78 سيڪڙو جي گھٽتائي کانپوءِ 73.79 ڊالرز في اونس رڪارڊ ٿي، ڪپھه، مڪئي، زرعي ۽ خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ گڏيل رجحان رھيو، ڪپھه، پام آئل ۽ کنڊ جي قيمت ۾ ترتيبوار 0.71 سيڪڙو، 4.02 سيڪڙو ۽ 2.40 سيڪڙو جي گھٽتائي ٿي، ان جي ابتڙ سويابين آئل جي قيمت ۾ 0.42 سيڪڙو، مڪئي 0.28 سيڪڙو، ڪافي 2.78 سيڪڙو ۽ زندھه جانورن جي قيمت ۾ 0.32 سيڪڙو جو اضافو ٿيو.












