يورپي يونين مان ڏيهه اماڻيل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 20 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد - 09 اپريل (اي پي پي) يورپي يونين جي ميمبر ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ جاري مالي سال جي پھرين 9 مھينن ۾ ساليانو بنيادن تي 20 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن مطابق جولاءِ کان مارچ جي عرصي ۾ جرمني ، فرانس، اٽلي، اسپين، ھالينڊ ۽ يورپي يونين جي ٻين ميمبر ملڪن ۾ …

اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) يورپي يونين جي ميمبر ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي ڏيهه اماڻيل پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ جاري مالي سال جي پھرين 9 مھينن ۾ ساليانو بنيادن تي 20 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آھي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري انگن اکرن مطابق جولاءِ کان مارچ جي عرصي ۾ جرمني ، فرانس، اٽلي، اسپين، ھالينڊ ۽ يورپي يونين جي ٻين ميمبر ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين 3.917 ارب ڊالرز جو پرڏيھي مٽاسٽا وارو ناڻو ملڪ موڪليو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ آھي، گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي ۾ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن مان آيل پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 3.267 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو ھو، مارچ ۾ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن مان آيل پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 414 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو فيبروري جي 395 ملين ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 5 سيڪڙو وڌيڪ ۽ گذريل سال مارچ جي 433 ملين ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو گھٽ آھي، واضح رھي ته مالي سال جي پھرين 9 مھينن ۾ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين جي مجموعي طور ڏيهه موڪليل پرڏيھي مٽاسٽا واري ناڻي جو ڳاڻيٽو 30.321 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو آھي، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي عرصي جي 28.030 ارب ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو وڌيڪ آھي.