عالمي سطح تي آمريڪا – ايران جنگ بندي ۾ اثرائتي ۽ نتيجا ڏيندڙ سفارتڪاري تي پاڪستان جي ڀرپور ساراهه

اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي)عالمي سطح تي آمريڪا – ايران جنگ بندي ۾ موثر ۽ نتيجا ڏيندڙ سفارتڪاري تي پاڪستان جي ڀرپور ساراهه ڪئي پئي وڃي، مختلف ملڪن جي اهم شخصيتن جي مثبت رد عمل ۾ پاڪستاني وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڀرپور واکاڻ ڪئي پئي وڃي. تفصيل موجب چين ايران – آمريڪا جنگ بندي ۾ پاڪستان جي موثر ڪردار کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو آهي، آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز جنگ بندي ۾ …

اسلام آباد-09 اپريل (اي پي پي)عالمي سطح تي آمريڪا – ايران جنگ بندي ۾ موثر ۽ نتيجا ڏيندڙ سفارتڪاري تي پاڪستان جي ڀرپور ساراهه ڪئي پئي وڃي، مختلف ملڪن جي اهم شخصيتن جي مثبت رد عمل ۾ پاڪستاني وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڀرپور واکاڻ ڪئي پئي وڃي. تفصيل موجب چين ايران – آمريڪا جنگ بندي ۾ پاڪستان جي موثر ڪردار کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو آهي، آسٽريلوي وزيراعظم انٿوني البانيز جنگ بندي ۾ پاڪستان جي بهترين ڪردار تي ٿورو ادا ڪيو آهي. آسٽرين چانسلر ڪرسچن اسٽوڪر چيو ته شديد بحران ۽ تباهي آڻيندڙ اثر رکندڙ جنگ کي روڪرائڻ تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪريون ٿا، ڪينيڊين وزيراعظم مارڪ ڪارني به پاڪستان جي ٽياڪڙي جي شاندار ڪردار تي ٿورو مڃيو آهي، سعودي عرب امن امان لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بهترين ڪردار کي ساراهيو آهي. جرمن چانسلر چيو ته جنگ بندي لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي شاندار ڪردار تي ٿورائتا آهيون. نيوزيلينڊ جي پرڏيهي وزير ونسٽن پيٽرز چيو ته نيوزيلينڊ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي سان گڏوگڏ پاڪستان جي ڀرپور ڪردار کي به ساراهي ٿو. يورپي ڪائونسل ۽ يورپي يونين ڪميشن جي صدر به ايران آمريڪا جنگ بندي لاءِ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. برطانيه، فرانس، اٽلي، جرمني، ڪينيڊا، ڊينمارڪ، نيڌرلينڊز، اسپين ۽ جاپان به گڏيل بيان ۾ پاڪستان جو ٿورو مڃيو، قازقستان، ملائيشيا جي صدر، ناروي ۽ سوئيڊن جي پرڏيهي وزيرن به پاڪستان جي بهترين سفارتڪاري کي ساراهيو آهي. قطر، عمان، پرتگال، رومانيه سميت ڪيترن ئي ملڪن به پاڪستان جي امن جي ڪوششن کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو آهي. عالمي تجزيه نگارن موجب شديد جنگي حالتن ۾ امن جو رستو ڪڍڻ پاڪستان جي بهترين سفارتڪاري ۽ اثرائتي ملٽري ڊپلوميسي جو واضح ثبوت آهي، جنگ بندي کانپوءِ ذميوار رياست طور پاڪستان جي اعتماد ۽ وقار ۾ عالمي سطح تي به ڀرپور اضافو ٿيو آهي، پاڪستان نه رڳو علائقائي پر عالمي سطح تي به امن امان لاءِ سنجيده ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي.