لاهور -09 اپريل (اي پي پي ) ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل لاهور مالياتي فراڊ جي هڪ اهم ڪيس ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.ترجمان موجب بينڪنگ ڏوهه جي ٻڌڻي ڪندي خانگي بينڪ جي اڳوڻي ملازم عثمان غني کي ڏوهاري قرار ڏيندي 25 سال قيد ۽ 149 ملين روپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ترجمان موجب ڪيس ايف آءِ اي جي مضبوط جاچ ۽ قانوني ٽيم جي …
ايف آءِ اي پاران مالياتي فراڊ ڪيس ۾ وڏي ڪاميابي، ڏوهاري کي 25 سال قيد ۽ 149 ملين روپيا ڏنڊ جي سزا جو حڪم
لاهور -09 اپريل (اي پي پي ) ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل لاهور مالياتي فراڊ جي هڪ اهم ڪيس ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.ترجمان موجب بينڪنگ ڏوهه جي ٻڌڻي ڪندي خانگي بينڪ جي اڳوڻي ملازم عثمان غني کي ڏوهاري قرار ڏيندي 25 سال قيد ۽ 149 ملين روپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ترجمان موجب ڪيس ايف آءِ اي جي مضبوط جاچ ۽ قانوني ٽيم جي بهتر پيروي سبب منطقي انجام تائين پهتو جڏهن ته پيش ڪيل ثبوتن کي تسليم ڪندي فيصلو ٻڌايو ويو. ڊائريڪٽر ايف آءِ اي چيو ته مالياتي ڏوهه خلاف ايف آءِ اي جي زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل جاري آهي ۽ اهڙن عنصرن خلاف ڪارروائيون جاري آهن.












