لاڙڪاڻي ويجهو ٻه عورتون قتل، پُڦي جي فرياد تي ڪيس داخل، جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو -09 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻي ويجهو شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي حد ۾ ٻن عورتن جي قتل واري معاملي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي خاص هدايتن تي پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي واقعي ۾ ملوث ملزم کي قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ غلام علي عرف علي حيدر جتوئي جي نالي سان ٿي آهي. ڄاڻايل جوابدار اڳ به …

لاڙڪاڻو -09 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻي ويجهو شهيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي حد ۾ ٻن عورتن جي قتل واري معاملي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي خاص هدايتن تي پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي واقعي ۾ ملوث ملزم کي قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ غلام علي عرف علي حيدر جتوئي جي نالي سان ٿي آهي. ڄاڻايل جوابدار اڳ به قتل ڪيس ۾ روپوش آهي. لاڙڪاڻو پوليس ڳوٺ شادن جتوئي ۾ 45 سالن جي شاهده جتوئي ۽ 18 سالن جي نغه جتوئي جي قتل جي اطلاع تي بروقت ڪارروائي ڪندي لاش سنڌو درياهه مان ھٿ ڪري ورتا جِن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. شروعاتي جاچ موجب واقعو گھريلو تڪرار تي پيش آيو آهي. واقعي جو ڪيس مقتول عورتن جي پُڦي حاڪم خاتون جي فرياد تي داخل ڪري وڌيڪ  قانوني ۽ ضابطي جون ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن.