اسلام آباد- 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم مرحومه جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي سندس درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر …
وزيراعظم پاران وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد- 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم مرحومه جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي سندس درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهن.












