اسلام آباد- 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن هڪ تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هُو ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان جي غم ۾ برابر جا شريڪ …
وزيراعظم پاران پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد- 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خميس ڏينهن هڪ تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم مرحومه جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هُو ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان جي غم ۾ برابر جا شريڪ آهن. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي.












