ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي صدارت هيٺ درٻار هال ڊي سي آفيس ۾ پوليو مھم جي تياري بابت اجلاس منعقد

لاڙڪاڻو _ 09 اپريل(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور جي صدارت ۾ درٻار هال ڊي سي آفيس لاڙڪاڻو ۾ ( اين آءِ ڊيز ) پوليو مھم جي تياري بابت اجلاس منعقد ڪيو ويو. پوليو مهم 13 اپريل کان شروع ٿيندي ۽ 16 اپريل 2026 تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾ 1241 موبائل ٽيمون، 54 فڪسڊ سائيٽن تي موجود ٽيمون ۽ 34 ٽرانزٽ ٽيمون ڪُل 402,641 پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو جي ويڪسين ڏينديون. ان کان علاوه،  284 ايريا انچارج ۽ 72 يو …

لاڙڪاڻو _ 09 اپريل(اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور جي صدارت ۾ درٻار هال ڊي سي آفيس لاڙڪاڻو ۾ ( اين آءِ ڊيز ) پوليو مھم جي تياري بابت اجلاس منعقد ڪيو ويو. پوليو مهم 13 اپريل کان شروع ٿيندي ۽ 16 اپريل 2026 تائين جاري رهندي. ان سلسلي ۾ 1241 موبائل ٽيمون، 54 فڪسڊ سائيٽن تي موجود ٽيمون ۽ 34 ٽرانزٽ ٽيمون ڪُل 402,641 پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو جي ويڪسين ڏينديون. ان کان علاوه،  284 ايريا انچارج ۽ 72 يو سي ايم اوز کي ڊي اي او سي ۽ ڊي ايڇ ايم ٽي ٽيم سان گڏ نگراني ۽ معاون نگراني لاءِ مقرر ڪيا ويندو. پوليو مهم ۾، 6 مهينن کان 59 مهينن جي عمر وارن 298,427 ٻارن کي وٽامن اي سپليمينٽس پڻ ملندا.ڊپٽي ڪمشنر عوام کي گذارش ڪئي آهي ته پوليو ٽيمن سان تعاون ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي صحت ۽ حفاظت لاءِ ڦڙا ڦيارين. اجلاس ۾ ڊي ايڇ او ۽ صحت جي عملدارن، يونيسيف، ڊبليو ايڇ او، پوليس، تعليم ۽ ضلعي انتظاميا جي عملدارن شرڪت ڪئي.